ايران سان ٺاھہ تي آچر ڏينھن صحيحون ٿيڻيون آھن: ٽرمپ، ‘ڪجھہ ڏينھن ۾ ٿي سگھي ٿو’: ايران

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ٺاھہ تي آچر ڏينهن صحيح ٿي ويندي جنهن کان پوءِ هرمز وارو سامونڊي دڳ فوري طور سڀني ملڪن لاءِ کوليو ويندو.

ٻئي طرف پاڪستان جي وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته معاهدي کي حتمي شڪل ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ملي سگهي ٿي ۽ ان کان پوءِ امن معاهدي تي اليڪٽرانڪ طريقي سان صحيحون ڪيون وينديون.

تنهن هوندي به ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي چيو آهي ته دستاويز آچر تي صحيح نه ڪيو ويندو، البت ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ان حوالي سان اڳڀرائي متوقع آهي.

هوڏانهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي باوجود ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري رهيو، جتي مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڄڻا مارجي ويا.

ساڳئي وقت ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب ايران جي مقتول سپريم ليڊر علي خامناءِ جي جنازي جون تقريبون 4 جولاءِ تي تهران ۾ شروع ٿينديون، جڏهن ته 9 جولاءِ تي مشهد ۾ تدفين ڪئي ويندي.

علاقائي مبصرن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪن امن معاهدو وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿو. ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔