”مائيءَ کي ڊيڊ جِن چبڙيل آهي، جيڪو ڪنهن بـ پير کي نه ٿو مڃي؛ سواءِ گاجي شاھ بادشاھه جي

”مائيءَ کي ڊيڊ جِن چبڙيل آهي، جيڪو ڪنهن بـ پير کي نه ٿو مڃي؛ سواءِ گاجي شاھ بادشاھه جي. ان ڪري هن مائيءَ کي هر مهيني جي پھرين خميس (ماھ پاري خميس) تي ھن درگاھ تي آڻڻو پوندُوَ. جيڪڏهن اهي شرطون قبول ڪندَو ته مائيءَ جو فقير(جن) گاجي شاھ جو پيالو پي، هليو ويندو. الله! تو هار… الله! تو هار!“.

مهندي لڳل ڏاڙهيءَ وارو فقير وڏي اعتماد سان انھيءَ جوان ڇوڪريءَ جي گھر ڀاتين کي پنهنجي ڳالهين ۾ قابو ڪري رهيو هو، جيڪا سندس ”پِڙي“ يا حلقي ۾ سرود ۽ سازن جي ”رون…رون“ تي بي حال ٿي، جهومي رهي هئي ۽ بار بار پنھنجو مٿو فرش سان ٽڪرائي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي ماءُ سندس پٺيان ويٺي، کيس سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر ھوءَ لڳاتار ناڪام ٿي رهي هئي. فقير جي چوڌاري بلوچ ۽ سنڌي تماشائي گھيرو ڪيو بيٺا هئا. جن تي انھيءَ ڇوڪريءَ جا مائٽ جڪون کائي رھيا ھئا.

جتي اها عورت سازن جي ڌنن تي پنهنجي موج مستيءَ ۾ جھومي ۽ پاڻ کي اڇلائي اڇلائي ماري رهي هئي، اتي ويجهو ئي گيس جو گولو ٻري رهيو هو، جنهن جي آف وائيٽ روشنيءَ ۾ ان حال کان بي حال بڻيل عورت جا ڊگها چمڪندڙ وار لهرائي رهيا هئا. جڏهن هوءَ جهومندي جهومندي پنهنجي منڍي زمين تي رکي ٿي، تڏهن سندس چولي تي لڳل گول شيشا ۽ سونھري زري، روشنيءَ کي ڪرڻن وانگر هر پاسي ڦهلائي ڇڏي ٿي… ۽ اهڙيءَ طرح تماشائين جي ڌنڌلن چهرن تي ”ليزر شو“ وانگر روشنيءَ جون ليڪون پکڙجي وڃن ٿيون. ان ”پِڙ“  کان وٺي، ٻين اهڙن ئي پڙن جي وچ وارن خالي ٽڪرن تي اوندھ ڇانيل هئي، جتي بسترا وڇائي ستل ڪن زيارتي ڪٽنبن جا ٻار پاڻ ۾ وچڙيا، اونڌا سڌا ننڊ پيا هئا.

گاجي شاھ جي درگاھ ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڪاڇي جي جابلو علائقي ۾ آهي، جتي هندي مهيني ”ماگھ“ جي 25 کان 27 تاريخ تائين  نج ڳوٺاڻي ۽ ٻروچڪي ثقافت وارو وڏو ميلو لڳندو آهي. هيءُ ميلو عيسوي يا اسلامي ڪيلينڊر موجب ناهي لڳندو، ان ڪري ڪڏهن فيبروريءَ ته ڪڏهن مارچ ۾ ٿيندو آهي. ميلي ۾ سنڌ، پنجاب (بلوچ ۽ سرائڪي علائقن) ۽ بلوچستان مان ماڻهو پنهنجن ڪٽنبن سميت اچي شريڪ ٿيندا آهن. انهن ڪٽنبن ۾ اڪثر ڪا نوجوان ڇوڪريءَ يا عورت ”جن ورتل“ هوندي آهي، جيڪا اصرار ڪندي آهي تـ کيس پير گاجي شاھ جي ميلي تي وٺي وڃجي، جتي هوءَ ڪنهن ”ڀوپي“ يا عامل فقير جي سازن سرودن تي موج ڪندي. ”موج“ جو مطلب اهو آهي ته مٿس ”حال“ طاري ٿيندو يعني جن ايندو ۽ اھو عامل جن کان چوڪريءَ جي جان چڏڻ جون شرطون پڇي، ايندڙ سال ميلي تائين کيس آجو ڪرائي ڏيندو!.

ميلي وارن ڏينھن ۾ درگاھ جي اڱڻ ۾ ”حساب“ وارين عورتن جا جن ڪڍڻ لاءِ اهڙا ڪيترائي حلقا يا دائرا قائم ھوندا آهن. اھڙي هر پِڙ يا دائري ۾ ”پاڙھا“ يا ٻروچ فقير سرود، مُتو ۽ ٻيا لوڪ ساز ويٺا وڄائيندا آھن، جن جي ڌن تي هڪڙي يا ٻه ٽي مايون مستي ۽ بي خوديءَ ۾ جهومنديون، پنهنجو منھن مٿو به پٽينديون آهن. ميلي جا ”مور“ (تماشائي) اهڙن دائرن کي چوڌاري گهيرو ڪري، خاموشيءَ سان اهو عمل ڏسندا آھن. فقيرن يا ڀوپن جي سازندن ۾ هڪڙو ھمراھ سارنگي وڄائيندو آهي، ٻيو مُتي ۽ ٽيون  دنبوري تي بلوچي انداز جي لوڪ ڌن وڄائيندو آهي.

هيءُ تماشو هر سال گاجي شاھ جي ميلي تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائڪي علائقن جي مختلف ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻهو اچي شريڪ ڪندا آهن، جڏهن تـ سنڌ مان آيل ماڻهن ۾ اڪثر ميلي جا ”مور“ يا شوقين جوان هوندا آهن. هن ميلي جي خاص ڳالهه اها آهي تـ هتي ”حساب“ وارين عورتن مان جن ڪڍڻ جو بندوبست ”اطمينان بخش“ طريقي سان ڪيو ويندو آهي ۽اھو ڪم ڀوپن يا فقيرن جون ٽوليون ڪنديون آهن. اهڙيون ٽوليون سج لٿي کان پوءِ پنهنجا پنهنجا دائرا ٺاهي ويهنديون آهن ۽ متاثر عورتن جا مرد يا انھن ڪٽنبن جون پوڙھيون عورتون ڪنھن ٽوليءَ سان رابطو ڪري، ان جون خدمتون حاصل ڪنديون آهن. اهي فقير، جيڪي گهڻو ڪري کوسا برادريءَ سان تعلق رکندا آھن، اھي غريب ڪٽنبن کان سندن ڪنھن عورت جو جن ڪڍڻ جو معاوضو طي ڪري، ساز وڄائڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن اهو ڪٽنب متاثره عورت يا ڇوڪريءَ کي وٺي اچي، انھن جي حلقي ۾ ويهاريندو آهي ته هوءَ آهستي آهستي سازن تي مست ٿي، لهر ھڻڻ ۽ جهومڻ شروع ڪندي آهي. جيئن جيئن سازن جي لي تيز ٿيندي ويندي آهي، تيئن تيئن سنديس جهومڻ ۽ ڪنڌ ھڻڻ به تيز ٿيندو ويندو آهي. ان کان پوءِ هن جو ڦٿڪڻ ۽ پاڻ کي زمين تي اڇلائڻ تيز ٿيندو ويندو آهي. انھيءَ دوران فقير ۽ سندن سازندا ”الله توهار… اللھ توھار“ يعني ”اي الله! تنهنجو ئي آسرو آهي“ جا نعرا هڻندا رھندا آهن. جڏهن اها موج مستي پنهنجي عروج تي پهچي ويندي آهي تـه پاڙھو فقير، متاثره عورت جي وارثن کان پڇندو آهي تـ هن ڇوڪريءَ يا مائيءَ جي اها حالت ڪڏهن کان آهي ۽ ڪيئن ٿي اٿس؟.

ڪٽنب جا ماڻهو، جيڪي ظاهر آهي تـ اڻ پڙهيل ۽ انتھائي ڪمزور عقيدي وارا هوندا آهن، اهي پنهنجي سمجھ موجب جواب ڏيندا آهن ۽ هن ڳالھ تي گھڻو زور ڏيندا آهن تـ سندن هن ڇوڪريءَ يا عورت تي "جن” جو سايو پئجي ويو آهي، ان ڪري هوءَ پنهنجي هوش ۾ نٿي رهي. گهر ۾ بـ وقتن بـ وقتن "موج” ۾ اچي ويندي آهي (يعني جهومڻ، لوڏڻ ۽ گهر وارن کي نقصان پهچائڻ) شروع ڪري ڇڏيندي آهي. هاڻي تون ان جي جن کان پُڇ تـ اهو ڇا ٿو چاهي ۽ ڪهڙي طريقي سان اسان جي ڇوڪريءَ جي جان ڇڏيندو؟ ڏٺو وڃي تـ  متاثر ڇوڪريءَ يا عورت اڪثر غير شادي شده هوندي آهي يا پوءِ ان جي شادي سندس مرضي جي خلاف ڪئي ويندي آهي، تڏهن ئي هن جي اندر اهو "جن” وارو سلسلو ظاهر ٿيندو آهي. گهر ۾ جڏهن هن تي اها ڪيفيت طاري ٿيندي آهي يا هوءَ پاڻ تي اهڙو "حال” طاري ڪندي آهي، تڏهن عام طور تي هوءَ پاڻ کي ۽ ٻين کي نقصان پهچائڻ شروع ڪندي آھي سندس نازڪ آواز مرداڻو، ڪڙڪ آواز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهر وارن کان مطالبو ڪندي آهي تـ کيس گاجي شاھ جي ميلي تي وٺي وڃن نـ تـ هوءَ ان ڇوڪريءَ (يعني پاڻ) کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچائيندي..

ان مرحلي ۾ هن جي گهر جون وڏيون عمر واريون عورتون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهي پنهنجي سادگي، ڪمزور عقيدي ۽ خوف سبب "جن اچڻ” واري هن ڪهاڻي کي حقيقي سمجهن ٿيون ۽ مردن کي بـ  قائل ڪن ٿيون تـ  "جن” (يا فقير) جي ڳالھ مڃيندي ڇوڪريءَ کي گاجي شاھ جي ميلي تي وٺي وڃڻ گهرجي، جتي ڪنهن "پاڙهي” وٽان ان تي پڙهايو وڃي ۽ سرود ٻڌايو وڃي تـ  جيئن "جن” مڪمل طرح ظاهر ٿئي، پنهنجا مطالبا پيش ڪري ۽ ڇوڪريءَ جي جان ڇڏي ڏئي. اهڙي طرح گاجي شاھ جي ميلي ۾ هر سال درجنين "جن زده” عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي ڪٽنب سان گڏ اچن ٿيون. انهن جا مرد، جيڪي کين ڪڏهن بـ  بي پردي ٻاهر نڪرڻ  نٿا ڏين، اهي هن ميلي ۾ انهن کي درجنين بلڪه سوين ماڻهن جي ميڙ ۾ جهومندي، موج مستي ڪندي بي پرده ڏسندا آهن ۽ مجبوري ۾ ڪجھ بـ نٿا چون يا ڪن. جيڪڏهن ڪجھ ڪن ٿا تـ رڳو ايترو جو اتي گڏ ٿيل تماشو ڏسندڙ غير مردن کي ڌمڪائي اتان هٽي وڃڻ لاءِ چون ٿا ۽ انهن جي اها ڪوشش اڪثر ناڪام ٿي وڃي ٿي. ٻئي پاسي "جن واري” عورت کي پنهنجي تن ۽ من جو ڪو بـ هوش نٿو رهي. هوءَ سازن جي ڌنن تي بي خود ٿي مستي ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ڪنهن پردي يا غير ماڻهن جي موجودگي جو خيال نٿي ڪري سندس اکيون بند هونديون آهن، وار کليل هوندا آهن ۽ کيس ڪپڙو يا چادر (چُني) جو بـ  ڪو هوش نـ  هوندو آهي.

هن تماشي جي عروج تي، عامل فقير ان متاثر عورت سان گڏ آيل مائٽن، ماءُ، پيءُ يا مڙس کان پڇي ٿو تـ ڇا اوهان ڪنهن جن سان ڪا زيادتي تـ نـ  ڪئي آهي، جنهن ڪري هن اوهان جي گهر ۾ ديرو ڄمايو آهي ۽ هن ڇوڪريءَ يا عورت تي قابض ٿي ويو آهي؟ اهي غريب ماڻهو اهڙن هٿ ڪنڊن کي ڇا ڄاڻن؟ تنهنڪري ظاهر آهي تـ هو انڪار ڪن ٿا ۽ چون ٿا تـ  بس ڪنهن نـ ڪنهن ريت تون هن جي جان ڇڏائي ڏي ان تي اهو ماڻهو ڇوڪريءَ سان اهڙي طرح ڳالهائي ٿو ڄڻ تـ هو ان تي قابض جن سان ڳالهائي رهيو هجي.

فقير! تو هن مائي کي ڇو پڪڙيو آهي؟ تون ڇا ٿو چاهين؟

جهومندي ۽ لوڏندي ڇوڪريءَ ساڳي مستي ۾ مشغول رهندي مرداڻي آواز ۾ گرندي آهي.

هن منهنجي ٻارن کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو آهي، مان هن کي نـ ڇڏيندس، هن جي ڳچيءَ ٽوڙي ڇڏيندس.

فقير! هن ويچاري اهو سڀ ڄاڻي واڻي نـ ڪيو آهي، تون هن کي معاف ڪر ۽ جيڪو مطالبو يا شرط آهي. اهو ٻڌاءِ؛

هن کي هر مهيني جي پهرين خميس تي گاجي شاھ جي زيارت لاءِ وٺي اچو ۽ هن جي شادي جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو، هي اسان کي پسند اچي وئي آهي.

ظاهر آهي تـ  ڪو بـ  غيرت وارو ماڻهو پنهنجي گهر جي ڪنوارِي ڇوڪريءَ جي زبان مان اهڙيون ڳالهيون نٿو ٻڌي سگهي، تنهنڪري جڏهن مطالبا پڇيا وڃن ٿا تـ ان متاثر ڇوڪريءَ سان گڏ آيل مرد، هجوم جي آڙ وٺي اتان هليو وڃن ٿا تـ جيئن سڀني جي سامهون سندن ذلت نه ٿئي. انهن جون ٻيون عورتون "عامل” اڳيان هٿ ٻڌي عرض ڪن ٿيون تـ  مهرباني ڪري فقير (جن) کان هر مهيني واري شرط ختم ڪرائي، هر سال ميلي تي اسان هن کي هتي وٺي اينداسين ۽ شادي بـ اتي نـ ڪنداسين، جتي "فقير” اعتراض ڪيو آهي. اهي سمورا احوال پوءِ وڏيون عورتون پنهنجن مردن کي ٻڌائين ٿيون تـ ڪيئن انهن جن جي ڏکين شرطن کي ٽاريون وڃن.

عامل هن موقعي تي پنهنجا ٺاهيل، بلڪه مڃرايل مطالبا پاڻ ئي "جن” جي اڳيان رکي ٿو ۽ هڪ انداز ۾ کيس منٿون ڪري ٿو تـ  هو مڃي وڃي. جڏهن "جن” جي طرفان نيم رضامندي ظاهر ٿئي ٿي تـ هو ان کان پڇي ٿو؛

هاڻي گاجي شاھ جو پيالو پيئندين؟

جڏهن هو آمادگي ڏيکاري ٿو تـ پوءِ شڪر جو شربت مٽيءَ جي پيالي ۾ ڀري، جهومندڙ عورت جي چپن سان لڳايو وڃي ٿو، جيڪا اهو مشروب هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي وڃي ٿي ۽ بيهوش ٿي ڪري پوي ٿي. ان کانپوءِ اهو "عامل” قرآن پاڪ جون آيتون پڙهي مٿس ڦوڪ ڏئي ٿو ته هوءَ اکيون جهپڪائيندي اٿي ويهي رهي ٿي. جڏهن سندس نظر پنهنجي حُليي تي پوي ٿي تـ  اوچتو گهٻرائي ۽ لڄي ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجو دوپٽو مٿي تي رکي ٿي، جڏهن تـ سندس مائٽ عورتون اڳ ئي مٿس وڏي چادر وجهي چڪيون هونديون آهن، جڏهن هوءَ پيالو پي ڪري بيهوش ٿي وڃي ٿي.

اهڙي طرح هي سلسلو ختم ٿئي ٿو. فقير يا عامل جي ٽولي کي پنهنجو طئه ٿيل معاوضو ملي وڃي ٿو. عورتون اِنهيءَ "متاثر” ڇوڪريءَ کي سهارو ڏئي درگاھ جي ان ڇپري ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، جيڪو اهڙن ئي ڪٽنبن جي عارضي رهائش لاءِ ٺهيل هوندو آهي ۽ هتي فقيرن جي ٽولي وري نئين شڪار جي تلاش ۾ سازن جي "رون.رون.رون” شروع ڪري ڇڏي ٿي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔