آمريڪا جا ايران جي فوجي تنصيبن تي حملا، جوابي ڪارروائي ۾ پاسدارانِ انقلاب پاران آمريڪي هوائي اڏن تي ميزائل حملي جي دعويٰ

ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر جي سي) دعويٰ ڪئي آهي ته هن علائقي ۾ موجود ”دشمن جي فوجي اڏن“ کي نشانو بڻائيندي ايرو اسپيس ميزائلن سان حملا ڪيا آهن. نيم سرڪاري خبر ايجنسي تسنيم موجب آءِ آر جي سي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حملا دشمن جي فوجي ٺڪاڻن تي ڪيا ويا

ٻئي طرف آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته ايران ڪويت ۽ بحرين ڏانهن ست ميزائل فائر ڪيا، پر انهن مان ڪو به پنهنجي هدف تائين نه پهتو.

ان کان اڳ آمريڪا دعويٰ ڪئي هئي ته سندس فوجن هرمز ڏانهن موڪليل چار ايراني ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا ۽ ايران جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي واقع قشم ٻيٽ ۽ گورڪ علائقي ۾ سامونڊي نگراني واري ريڊار تنصيبات کي به نشانو بڻايو.

ايران جي بحريه جمعي ڏينهن چيو ته نارِ عمان ۾ آمريڪي فوجي جهازن علائقي ۾ موجود ٻيڙين کي هراسان ڪيو، جنهن تي خبردار ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي وئي. جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن لبنان جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ ڏکڻ لبنان جي زبدين علائقي ۾ هڪ پيرا ميڊڪ سميت پنج ڄڻا مارجي ويا. وزارت جو چوڻ آهي ته نئين جنگبندي ٺاھہ جي باوجود اسرائيل جي بمباري سبب سڄي لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

لبنان جي صحت واري وزارت موجب 2 مارچ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 3,558 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10,870 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي والاريل اولهه ڪناري (ويسٽ بئنڪ) ۾ اسرائيلي فوج هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ست مهينن جي فلسطيني ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻار جا والدين زخمي ٿي پيا. حماس ان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو فلسطينين جي زندگين بابت اسرائيل جي ”بي حسي ۽ حقارت“ کي ظاهر ڪري ٿو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔