گومل يونيورسٽي ۾ ڪوڙين ڊگرين ۽ مالي بي ضابطگين جو وڏو اسڪينڊل، سوين مشڪوڪ ڊگريون سامهون اچي ويون

گومل يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان ۾ مبينا ڪوڙين ڊگرين، مالي بي ضابطگين ۽ سرڪاري فنڊن جي خردبرد بابت جاچ دوران سوين مشڪوڪ ڊگرين ۽ شڪي مالي ٽرانزيڪشنن جو انڪشاف ٿيو آهي.

انگريزي اخبار ڊان جي رپورٽ مطابق سرڪاري دستاويزن ۽ جاچ رپورٽن موجب، خيبرپختونخوا جي اعليٰ تعليم، آرڪائيوز ۽ لائبريريز واري وزير مينا خان آفريدي جي هدايتن تي هي جاچ شروع ڪئي وئي، جنهن جو مقصد صوبي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ آهي.

گومل يونيورسٽي انتظاميا 23 اپريل 2026ع تي هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي، جنهن نجي لاڳاپيل ڪاليجن جي الحاقي اڪائونٽن ۽ مالي رڪارڊ جو جائزو ورتو. جاچ دوران معلوم ٿيو ته ڪجهه جمع ٿيل سلپس مشڪوڪ يا مبينا طور جعلي هئا، جڏهن ته ڪجهه معاملن ۾ يونيورسٽي جون فيسون سرڪاري اڪائونٽن بدران ٻين اڪائونٽن ۾ جمع ڪرايون ويون.

جاچ رپورٽ موجب انهن بي ضابطگين سبب يونيورسٽي کي مالي نقصان پهتو آهي ۽ معاملي ۾ ملوث ماڻهن جي ڪردار بابت وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ابتدائي جاچ جو سڀ کان اهم انڪشاف نجي الحاقي ڪاليجن ذريعي جاري ڪيل مشڪوڪ ڊگرين بابت سامهون آيو. رپورٽ مطابق مجموعي طور 514 ڊگرين کي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي. انهن مان 153 ڊگريون پنجاب ڪاليج آف اليگنس، جوهرآباد، ۽ 361 ڊگريون چناب ڪاليج آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز، فيصل آباد ذريعي جاري ڪيون ويون هيون. جاچ ڪميٽي انهن سمورين ڊگرين کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿل انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن ايجوڪيشن، ليه جي 20 شاگردن کي يونيورسٽي جي ڊيٽابيس ۾ داخلا جو ڪو به رڪارڊ نه هجڻ باوجود ڊگريون جاري ڪيون ويون.

جاچ جي نتيجن کان پوءِ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي 143هين اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. 23 مئي 2026ع تي جاري ڪيل حڪم تحت اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ثاقب خان کي ڪرپشن، مالي بي ضابطگين ۽ فنڊن جي خردبرد جي الزامن تحت معطل ڪري 90 ڏينهن جي جبري موڪل تي موڪليو ويو.

يونيورسٽي انتظاميا موجب امتحانن واري اڳوڻي ڪنٽرولر ۽ موجوده ايڊيشنل ڪنٽرولر محمد وسيم خان خلاف پڻ جاچ جاري آهي.

جاچ ڪميٽي الحاق شعبي، فنانس ڊائريڪٽوريٽ، امتحاني شعبي، مالي امداد آفيس ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي مڪمل فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي ته جيئن مالي نقصان جي اصل پيماني ۽ ذميوارن جو صحيح تعين ٿي سگهي.

ابتدائي نتيجن کان پوءِ يونيورسٽي انتظاميا هڪ نئين بااختيار جاچ ڪميٽي پڻ جوڙي آهي، جنهن کي 30 ڏينهن اندر جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گومل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد ظفر اقبال جاچ رپورٽ جي تصديق ڪندي چيو ته سڄو عمل شفاف انداز ۾ جاري آهي ۽ قانون ۽ يونيورسٽي ضابطن موجب ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔