
آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ هائوس آف ريپريزينٽيٽوز صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران خلاف جاري فوجي ڪارروائين کي محدود ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ٺھراءُ منظور ڪري ورتو آهي، جنهن مان ٽن مهينن کان جاري جنگ بابت ريپبلڪن ميمبرن جي وڌندڙ ڳڻتيءَ جو اظهار ٿئي پيو.
ايوان ۾ پيش ڪيل جنگي اختيارن (War Powers Resolution) وارو ٺھراءَ 208 جي مقابلي ۾ 215 ووٽن سان منظور ڪئي وئي. چار ريپبلڪن ميمبرن به ڊيموڪريٽس سان گڏجي ٺھراءَ جي حمايت ڪئي. ٺھراءَ موجب صدر ٽرمپ کي ايران مان آمريڪي فوجون واپس گهرائڻيون پونديون، جيستائين ڪانگريس باضابطه طور جنگ جو اعلان يا فوجي طاقت جي استعمال جي منظوري نه ڏئي.
اهو پهريون ڀيرو آهي جو جنگ جي شروعات کان پوءِ ريپبلڪن اڪثريت واري ايوانِ نمائندگان ٽرمپ انتظاميا کي تهران خلاف فوجي آپريشن محدود ڪرڻ بابت ڪو ٺھراءُ بحال ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ هن وقت اهو ٺھراءُ گهڻو ڪري علامتي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان کي قانون بڻائڻ لاءِ سينيٽ مان پڻ منظوري وٺڻي پوندي، پر ان ووٽنگ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه ريپبلڪن ميمبر صدر ٽرمپ جي ايران بابت پاليسين ۽ جنگ جي حڪمت عملي تي تحفظات رکن ٿا.
گذريل ٽن اهڙن ٺھرائن کي ايوانِ ۾ ناڪامي ملي هئي، جڏهن ته گذريل مهيني ريپبلڪن قيادت ان ٺھراءَ تي ووٽنگ به ملتوي ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته ان جي منظوري جا امڪان وڌي ويا هئا.
قرارداد جي حمايت ڪندڙ ريپبلڪن ميمبرن ۾ مشيگن جو ٽام بيريٽ، اوهايو جو وارن ڊيوڊسن، پينسلوينيا جو برائن فٽزپيٽرڪ ۽ ڪينٽڪي جو ٿامس ميسي شامل هئا. ڪنهن به ڊيموڪريٽ ميمبر ٺھراءَ جي مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته ستن ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
ان دوران ايوانِ يوڪرين سپورٽ ايڪٽ تي ووٽنگ لاءِ به رستو هموار ڪري ڇڏيو، جنهن تحت روس خلاف جنگ ۾ يوڪرين کي سيڪيورٽي امداد فراهم ڪئي ويندي. ان قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽرمپ کي تازو مهينن ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي ڪجهه ميمبرن جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ڊيموڪريٽس جو موقف آهي ته آمريڪي آئين ھيٺ جنگ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار صرف ڪانگريس وٽ آهي، نه ڪو صدر وٽ. هنن خبردار ڪيو آهي ته ٽرمپ واضح حڪمت عملي کانسواءِ ملڪ کي هڪ ڊگهي ۽ مهانگي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ڊيموڪريٽ ميمبرن ايران خلاف فوجي ڪارروائين کان پوءِ پيٽرول، خوراڪ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي. پرڏيهي معاملن بابت ڪاميٽي جي سينيئر ڊيموڪريٽ ميمبر ۽ ٺھراءُ پيش ڪندڙ گريگري ميڪس چيو ته اڄ جي منظوري هڪ اهم موڙ آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته وڌيڪ ريپبلڪن ميمبر پنهنجي ووٽرن جي آواز ٻڌي رهيا آهن، جيڪي وچ اوڀر ۾ هڪ ٻي کليل ۽ ڊگهي جنگ نٿا چاهين.
ٽي ايس ايل


