
وفاقي وزير توانائي سردار اويس احمد خان لغاري ملڪ جي سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي هدايت جاري ڪئي آهي ته صارفين جي شڪايتن جي ازالي ۾ ناڪام رهندڙ بدترين ڪارڪردگي وارن سب ڊويزنل آفيسرن (SDOs) ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن (XENs) خلاف فوري طور تي کاتيواري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
وزير جي هدايتن تي عمل ڪندي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (PESCO) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (SEPCO) پنهنجي بدترين ڪارڪردگي وارن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ اھڙي طرح قدم کڻندڙ پهريون ادارا بڻجي ويا آهن. اهي آفيسر قومي 118 ڪسٽمر ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سسٽم (CCMS PLUS) ۾ داخل شڪايتن جي بروقت ازالي ۾ ناڪام رهيا هئا.
پاور ڊويزن پاران آڪٽوبر 2025ع کان مارچ 2026ع تائين جي ڊيٽا جي جائزي دوران معلوم ٿيو ته هزارين صارفين جون شڪايتون يا ته دير سان حل ڪيون ويون يا وري مقرر وقت اندر حل ئي نه ٿي سگهيون. انهن شڪايتن ۾ بجلي بندش، وولٽيج جي گهٽ وڌ، لائن فالٽس ۽ ٽرانسفارمرن جي خرابين جا معاملا شامل هئا.
پيسڪو ٽن ايس ڊي اوز ۽ هڪ ايڪس اي اين کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي ايڪس اي اين خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ساڳئي ريت سيپڪو هڪ ايس ڊي او ۽ هڪ اڳوڻي ايڪس اي اين کي بدترين ڪارڪردگي جي بنياد تي معطل ڪيو آهي.
پاور ڊويزن موجب لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، اسلام آباد، ملتان، حيدرآباد، ڪوئيٽا ۽ ٽرائيبل علائقن سميت ٻين ڊسڪوز ۾ پڻ ساڳي نوعيت جون ڪارروائيون جاري آهن. سڄي ملڪ مان 100 کان وڌيڪ ايس ڊي اوز ۽ ايڪس اي اينز کي ناقص ڪارڪردگي وارا قرار ڏنو ويو آهي، جن خلاف شوڪاز نوٽيس، معطلي، بدلي ۽ ٻين تاديبي قدمن جو امڪان آهي.
سردار اويس لغاري چيو ته 118 هيلپ لائن جو مقصد شهرين ۽ بجلي فراهم ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته صارفين جي شڪايتن کي نظرانداز ڪرڻ عوام سان ناانصافي ۽ سرڪاري ذميوارين کان غفلت جي برابر آهي.
هن ڊسڪوز کي هدايت ڪئي ته شڪايتن جي حل بابت هفتيوار نگراني جو مؤثر نظام لاڳو ڪيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته مسلسل ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن خلاف وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا، جن ۾ معطلي، غير آپريشنل عهدن تي بدلي ۽ جبري رٽائرمينٽ به شامل ٿي سگهي ٿي. پاور ڊويزن اهو پڻ اعلان ڪيو آهي ته ايس ڊي اوز ۽ ايڪس اي اينز جي ڪارڪردگي بابت ٽه ماهي درجابندي عوام آڏو پيش ڪئي ويندي ته جيئن بجلي جي شعبي ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ملي سگهي.
ٽي ايس ايل رپورٽ


