سنڌ ۾ قومي شاهراهن جي خراب حالت خلاف درخواست تي ٻڌڻي: ڪوٽڙي ڪبير حادثي جي جاچ جوحڪم، متاثر خاندان کي مناسب معاوضو ڏيڻ ڪرڻ جي هدايت

سنڌ ۾ قومي شاهراهن جي ابتر حالت خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾  داخل آئيني درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ڪوٽڙي ڪبير ويجهو پيش آيل ٽريفڪ حادثي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا پنج ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، بابت موٽروي پوليس کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت موٽروي اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) جي عملدارن کي متاثر خاندان کي مناسب معاوضو فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جي عملدارن عدالت کي آگاهه ڪيو ته اين-5 شاهراهه جو 72 ڪلوميٽرن وارو تعميراتي حصو 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو.

عدالت ڪم ۾ دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا مثال به موجود آهن جتي رستا راتورات تعمير ٿي ويندا آهن. جسٽس سليم جيسر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙين رٿائن ۾ دير جو هڪ سبب اهو به هوندو آهي ته جيئن رٿائن جي لاڳت ۽ بجيٽ ۾ واڌ ٿيندي رهي.

جسٽس سليم جيسر چيو ته قومي شاهراهن جا اهي پارجيڪٽ عام ۽ غريب ماڻهن جي سهولت لاءِ هوندا آهن، پر افسوس جو اهي سالن تائين التوا جو شڪار رهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اين ايڇ اي جي خراب رٿابندي واضح نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن شاهراهه جي مرمت يا ٻيهر تعمير ڪرڻي هجي ته پهرين هڪ حصو مڪمل ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻئي حصي تي ڪم شروع ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته اين ايڇ اي هڪ حصو مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي ٻيو حصو به ڊاهي ڇڏيندي آهي، جڏهن ته متبادل رستو به فراهم نه ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب عوام کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔