سانگهڙ ۾ تيل ۽ گئس جو وڏو ذخيرو دريافت، آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپنيءَ جو اعلان

آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (OGDCL) ضلعي سانگهڙ، سنڌ ۾ واقع بوبي ۽ ڌمراڪي مائننگ ليز جي ڳولا واري کوهه بوبي ڊيپ-1 مان تيل ۽ گئس جو ھڪ ذخيرو ڳولي لھڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪمپنيءَ موجب لوئر گورو فارميشن جي ميسو سينڊ (Massive Sand) ذخيري جي ڪيسڊ هول ڊرل اسٽيم ٽيسٽ (DST) دوران کوهه مان روزانو 2,000 بيرل تيل ۽ 1.1 ملين معياري ڪيوبڪ فٽ گئس حاصل ٿي. ٽيسٽ 32/64 انچ چُوڪ سائيز تي ڪئي وئي، جڏهن ته ويل هيڊ فلوئنگ پريشر 1,050 پي ايس آءِ رڪارڊ ڪيو ويو.

OGDCL، جيڪا هن ليز ۾ 100 سيڪڙو حصيداري رکي ٿي، 3 مئي 2026ع تي بوبي ڊيپ-1 کوهه کي ٻيهر فعال ڪري لوئر گورو فارميشن جي هائيڊرو ڪاربن صلاحيت جو جائزو ورتو. کوهه کي ڪمپني جي پنهنجي فني ۽ آپريشنل صلاحيتن ذريعي سيمبر فارميشن ۾ 3,305 ميٽر کوٽائي تائين ڊرل ڪيو ويو.

ڪمپني هن ڳولا کي بوبي ۽ ڌمراڪي مائننگ ليز لاءِ هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ ميسو سينڊ پلي (Massive Sand Play) مان هائيڊرو ڪاربن جي اها پهرين ڪامياب ڳولا آهي. OGDCL جو چوڻ آهي ته هي ڳولا نه رڳو نئين ڳولا واري امڪان کي جنم ڏئي ٿي، پر ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود ساڳي نوعيت جي امڪاني ذخيرن بابت خطرا به گهٽائي ٿي، جنهن سان مستقبل ۾ وڌيڪ ڳولا ۽ وسيلن جي واڌ جا نوان رستا کلندا.

ڪمپني موجب هيءَ دريافت ملڪ جي توانائي ضرورتن ۽ فراهمي جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ OGDCL جي هائيڊرو ڪاربن ذخيرن ۾ پڻ اضافو ڪندي. هن ڪاميابي سان پاڪستان جي سيڊيمنٽري بيسنز جي توانائي سلامتي لاءِ اهميت به هڪ ڀيرو ٻيهر نروار ٿي آهي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔