ترقياتي منصوبن لاءِ رڳو 1.126 کرب رپين جي گنجائش آھي، 3 کرب رپين جا منصوبا ملتوي ٿيڻ جو امڪان

وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 2026-27ع لاءِ مختلف وزارتن ۽ ادارن طرفان 4.097 کرب رپين جي ترقياتي منصوبن جون گهرجون سامهون آيون آهن، جڏهن ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ رڳو 1.126 کرب رپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، جنهن سبب لڳ ڀڳ 3 کرب رپين جا منصوبا رد يا ملتوي ڪرڻا پوندا.

سالياني منصوبا بندي رابطا ڪميٽي (اي پي سي سي) جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته موجوده مالي حالتن سبب حڪومت کي انتهائي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته 4 کرب رپين کان وڌيڪ گهرجن جي مقابلي ۾ رڳو 1.126 کرب رپين جي گنجائش موجود آهي، تنهن ڪري ڪيترن ئي منصوبن کي منظور ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

هن ٻڌايو ته پي ايس ڊي پيءَ مان 125 ارب رپيا اين-25 هاءِ وي منصوبي لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه بلوچستان لاءِ 100 ارب رپيا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 153 ارب رپيا، جڏهن ته پائيدار ترقياتي هدفن (SDGs) لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

احسن اقبال چيو ته اتحادي پارٽين جي تجويز ڪيل منصوبن لاءِ به گذريل سال 87 ارب رپين جي گهرج سامهون آئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي مالياتي ادارن جهڙوڪ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ کان حاصل ڪيل قرضن وارن منصوبن لاءِ مقامي ڪرنسي ۾ 426 ارب رپين جو حصو پڻ حڪومت کي فراهم ڪرڻو پوندو.

وفاقي وزير موجب انهن سڀني واعدن ۽ ذميوارين کان پوءِ پي ايس ڊي پي ۾ عملي طور تمام محدود رقم بچي ٿي. هن چيو ته گذريل سال جي ڪٽوتين جي اثرن کي به شامل ڪيو وڃي ته ترقياتي پروگرام ڪاٽو بيلنس جي صورتحال ڏانهن وڃي ٿو.

احسن اقبال خبردار ڪيو ته موجوده مالي حالتن ۾ نون منصوبن لاءِ اٽڪل ڪا به گنجائش موجود ناهي. سندس چوڻ هو ته ترقياتي بجيٽن ۾ مسلسل گهٽتائي وزارت رٿابندي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي ۽ ملڪ جي ترقياتي رفتار تي به ان جا اثر پئجي سگهن ٿا.

هن چيو ته حڪومت کي موجود وسيلن اندر رهندي قومي ترجيحن موجب رٿائن جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جڏهن ته محدود مالي گنجائش سبب ڪيترائي اهم ترقياتي منصوبا ايندڙ مالي سال ۾ اڳتي نه وڌي سگهندا.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔