
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان پيغامن ۽ رابطن جو سلسلو جاري آهي، پر ڪنهن به ٺاھہ بابت حتمي ڳالهه تڏهن ئي چئي سگهجي ٿي جڏهن سمورا شرط طئي ٿي وڃن ۽ ٺاھہ باضابطه طور تي مڪمل ٿئي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ھو ايران سان هڪ تمام سٺو ٺاھہ ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن جڏهن ته آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب واشنگٽن ان ٺاھہ لاءِ وڌيڪ سخت شرط رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي..
ساڳئي وقت لبنان ۾ اسرائيل جي وڌندڙ فوجي ڪاررواين تي عالمي سطح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. فرانس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عالمي برادري خبردار ڪيو آهي ته لبنان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي.
ان دوران ايران اعلان ڪيو آهي ته سائوٿ پارس گئس فيلڊ جي ٽن آف شور پليٽ فارمز تان گئس جي پيداوار ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. اهي سهولتون اسرائيل جي مارچ ۾ ٿيل حملن دوران متاثر ٿيون هيون. ايراني اختيارين موجب پيداوار جي بحالي سان ملڪ جي توانائي شعبي کي هٿي ملندي ۽ گئس جي فراهمي معمول تي ايندي.
ماهرن جو خيال آهي ته ايران-آمريڪا ڳالهين جي ڪاميابي ۽ لبنان ۾ جنگبندي بابت ڪنهن به اڳڀرائي سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا
ٽي ايس ايل مانيٽريگ ڊيسڪ


