
بلوچستان جي ترقي ۽ هوابازي شعبي لاءِ هڪ اهم حدف حاصل ڪندي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهرين آزمائشي اڏام ڪاميابي سان لينڊ ڪري وئي. ايئرپورٽ انتظاميا موجب سائوٿ ايئر جي ٽيسٽ فلائيٽ نئين هوائي اڏي تي ڪاميابي سان پهتي، جتي عملدارن جهاز ۽ عملي جو استقبال ڪيو.
اختيارين موجب ڪامياب آزمائشي اڏام ايئرپورٽ جي آپريشنل تياري جو واضح ثبوت آهي ۽ ان سان جلد ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامن جي شروعات جي راهه هموار ٿيندي. نئون گوادر عالمي هوائي اڏو بلوچستان ۾ هوائي رابطن، واپار، سياحت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان گوادر جي معاشي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ اهو شهر علائقائي واپار ۽ اقتصادي سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز بڻجندو. حڪومت جو چوڻ آهي ته هي منصوبو پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ گڏيل ترقيءَ جي علامت آهي.
ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


