ڪانگو ۾ ايبولا جي وبا تيزي سان پکڙجي وئي، 246 ڄڻا فوت، صحت جي عالمي  اداري جي سربراهه جو دورو

صحت جي عالمي اداري (WHO) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس آدهانوم گيبريسس ڇنڇر ڏينهن جمهوريه ڪانگو (DRC) جي اوڀر واري صوبي اٽوري جو دورو ڪيو، جتي ايبولا جي خطرناڪ وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي.

بونيا شهر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽيڊروس چيو ته عالمي برادري ڪانگو حڪومت سان گڏجي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پر ان سان گڏ مقامي برادرين جي شموليت ۽ سهڪار پڻ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته سندس دوري جو مقصد مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ درپيش مسئلن جي سڃاڻپ ڪرڻ آهي.

آفريڪا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن (Africa CDC) موجب 15 مئي تي وبا جي اعلان کان پوءِ هينئر تائين ڪانگو ۾ ايبولا جا 1,077 شڪي ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن ته 246 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته حقيقي انگ اکر ان کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ليبارٽريز جي سهولتن ۽ تشخيصي نظام جي کوٽ موجود آهي.

ايبولا جي وبا هاڻي ڪانگو جياوڀر وارن ٽن صوبن تائين پکڙجي چڪي آهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ يوگنڊا ۾ به 9 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي.

وبا جي خطري سبب يوگنڊا پنهنجي سرحد بند ڪندي ڪانگو مان ايندڙ ماڻهن لاءِ 21 ڏينهن جي قرنطينه لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي WHO ٻڌايو آهي ته موجوده وبا دوران پهريون مريض مڪمل صحتياب ٿيڻ کان پوءِ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

طبي امدادي تنظيم ڊاڪٽرز وٿائوٽ بارڊرز(MSF) خبردار ڪيو آهي ته وبا جي شروعاتي ڏينهن ۾ ايتري تيزي سان ڪيسن جو وڌڻ غيرمعمولي آهي. تنظيم موجب متاثر علائقن ۾ طبي عملي ۽ ماهرن جو تعداد اڃا به ناڪافي آهي.

اٽوري، اتر ڪيوو ۽ ڏکڻ ڪيوو وارا علائقا سالن کان هٿياربند جهيڙن ۽ بدامني جو شڪار آهن، جتي مختلف باغي گروهه سرگرم آهن. لکين بي گهر ماڻهو عارضي ڪئمپن ۾ رهن ٿا، جتي صفائي سٿرائي جا انتظام انتهائي محدود آهن.

رليف ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ وبا جي پکڙجڻ بابت شديد خدشا پيدا ٿي ويا آهن. بونيا ڀرسان ڪنگونزي ڪئمپ ۾ رهندڙ ڊورڪاس ميپينزي چيو ته، “جيڪڏهن ايبولا هتي پهتي ته اسان مڪمل طور تباهه ٿي وينداسين، ڇاڪاڻ ته ماڻهو انتهائي تنگ حالتن ۾ گڏ رهن ٿا.”

ماهرن موجب موجوده وبا بنڊي بگيو (Bundibugyo) قسم جي ايبولا وائرس سبب ڦهلي رهي آهي، جنهن لاءِ هن وقت تائين ڪا منظور ٿيل ويڪسين يا مخصوص علاج موجود ناهي. البت آفريڪا CDC جي سربراهه اميد ظاهر ڪئي آهي ته سال جي آخر تائين ان وائرس خلاف ويڪسين تيار ٿي سگهي ٿي.

ايبولا هڪ انتهائي موتمار وبائي مرض آهي، جيڪو متاثر ماڻهن جي جسماني رطوبتن ۽ ويجهي رابطي ذريعي پکڙجي ٿو. گذريل پنجاهه سالن دوران آفريڪا ۾ هي وبا 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪي آهي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔