ڳالهين سان گڏ دٻاءُ واري پاليسي اعتماد جي ماحول کي نقصان پهچائي رهي آهي: ايراني سپريم ليڊر جو صلاحڪار محسن رضائي  

ايران جي سپريم ليڊر جي صلاحڪار محسن رضائي آمريڪا تي الزام ھنيو آهي ته ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي جاري رکي واشنگٽن سفارتڪاري سان دوکو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين سان گڏ دٻاءُ واري پاليسي اعتماد جي فضا کي نقصان پهچائي رهي آهي.

هوڏانهن اسرائيلي فوج لبنان ۾ پنهنجي زميني ڪارروائين جو دائرو وڌائيندي ڏکڻ لبنان جي اهم شهر نباتيه جي ڀرپاسي تائين پهچي وئي آهي. اسرائيل ڏکڻ لبنان جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين کي علائقا خالي ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا آهن.

آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ جو چوڻ آهي ته ايران سان ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به ٺاھہ لاءِ تڪڙ ۾ ناهي. ٽرمپ چيو آهي ته جنگ جي خاتمي بابت ايران سان ممڪن ٺآھہ تي هو حتمي فيصلو پاڻ ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي به تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، پر اڃا تائين ڪنهن حتمي ٺاهه يا مفاهمت تي اتفاق نه ٿيو آهي. هن چيو ته ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي، پر معاهدي جا اهم نقطا اڃا طئي ٿيڻا آهن

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔