
شيراني ضلعي جي ڌناسر ٿاڻي تي پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ جي المناڪ حادثي بابت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فوت ٿيل ڊرائيور بابو استاد ۽ ميختر بس ڪمپني جي انتظاميا ۽ مالڪن کي به جوابدار ڄاڻايو ويو آهي.
پوليس مطابق ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 322، 320، 337-جي، 279، 427 ۽ 34 ھيٺ ايس ايڇ او ذوالفقار علي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
صوبي جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي هدايتن تي بس ڪمپني جي آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. جاچ دوران ڪيترن ئي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 20 لک رپيا ۽ هر زخمي لاءِ 10 لک رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.
ايف آءِ آر مطابق حادثي کان اڳ بس ڊرائيور ۽ ڪجهه مسافرن وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو هو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻن مسافرن ڊرائيور کي چيو، "جڏهن پيشاور پهچنداسين ته توکي نه ڇڏينداسين.” جنهن تي ڊرائيور ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو، "جيڪڏهن اوهين سلامت پيشاور پهچي ويا ته پوءِ ڏسجو ته مون کي ڇڏڻو آهي يا نه.”
ايف آءِ آر ۾ ان تڪرار جا سبب نہ ڄاڻايا ويا آھن، جڏهن ته ڪجهه زخمين اڳ ۾ ان بابت مختلف دعوائون ڪيون هيون.
فريادي مطانق، پوليس جڏهن واقعي واري هنڌ پهتي ته نيو ميختر ڪمپني جي بس هڪ اونهي کاهي ۾ ڪري چڪي هئي. شروعاتي طور 31 ڄڻا فوت ۽ 17 زخمي مليا، جڏهن ته بعد ۾ هڪ وڌيڪ زخمي اسپتال ۾ دم ڏئي ويو، جنهن سان فوتين جو انگ 32 ٿي ويو.
ايف آءِ آر ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ڊرائيور بابو استاد ڪاوڙ جي حالت ۾ لاپرواهي ۽ تيز رفتاري سان بس هلائي، جنهن سبب مسافرن جون حياتيون خطري ۾ پيون. رپورٽ موجب بس ڪمپني جا مالڪ ۽ انتظاميا به پنهنجي ذميوارين ۾ غفلت جا مرتڪب ٿيا، تنهن ڪري کين به قانون موجب ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
ٽي ايس ايل


