لوئر ڏکڻ وزيرستان ۾ مبينا ڪواڊ ڪاپٽر حملي ۾ 3 نينگريون فوت، هڪ عورت سميت 4 زخمي

مقامي ذريعن موجب هڪ ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون ذريعي هڪ گهر تي بارودي مواد ڪيرايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو. واقعو مبينا طور دينور جي ذيلي قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جي گهر تي پيش آيو.

فوت ٿيلن ۾ 6 کان 15 ورهين جي عمر جون ٽي نينگريون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ هڪ عورت ۽ ٽي نوجوان ڇوڪرا شامل آهن، جن کي مختلف نوعيت جا جا زخم اچڻ جون خبرون آهن.

واقعي کانپوءِ علائقي واسين فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال وانا منتقل ڪيو. اسپتال ذريعن موجب زخمين جو علاج جاري آهي ۽ ڊاڪٽر سندن حالت تي نظر رکي رهيا آهن.

ھڪ انگريزي خبار جي ويب سائيٽ مطابق واقعي بابت لاڳاپيل سرڪاري ادارن طرفان هينئر تائين ڪو باضابطه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي. اختيارين نه ئي واقعي جي نوعيت، سبب يا مبينا حملي جي ذميواري بابت ڪا سرڪاري تصديق ڪئي آهي. – ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔