
تجزياتي رپورٽ
يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ جاري جنگ پنجين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پر هاڻي جنگ جو ميدان رڳو مورچن تائين محدود نه رهيو آهي. يوڪرين پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي روس جي توانائي واري ڍانچي، خاص طور تي آئل ريفائنرين، کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. آزاد توانائي ماهرن موجب يوڪرين جي ڊگهي فاصلي وارن ڊرون حملن سبب روس جي تيل صاف ڪرڻ جي لڳ ڀڳ ٽيون حصو (One-third) گنجائش متاثر ٿي آهي، جنهن جا اثر هاڻي روس جي روزاني زندگي، معيشت ۽ ٻارڻ جي فراهمي تي ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.
حملن کان پوءِ روس کي پيٽرول جي امپورٽ تي پابنديون وڌائڻيون پيون، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ علائقن ۽ ڪريميا ۾ ٻارڻ جي وڪرو تي به پابنديون لاڳو ڪيون ويون. جيتوڻيڪ روسي صدر ولاديمير پيوٽن انهن حملن کي "غير اهم” قرار ڏيندي چيو آهي ته جنگ سندن مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندي، پر زميني حقيقتون مختلف تصوير پيش ڪري رهيون آهن.
روس ۾ ٻارڻ جي کوٽ ۽ عوامي بيچيني
روسي سياسي تجزيه نگار ۽ آزاد صحافي اليگزينڊر بوٽرسڪيءَ موجب روس ۾ پيٽرول جي کوٽ هاڻي صرف سرحدي علائقن تائين محدود نه رهي آهي، پر سڄي ملڪ ۾ محسوس ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته هاڻي روس ۾ هر اهو ماڻهو، جيڪو گاڏي استعمال ڪري ٿو، جنگ جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. پيٽرول پمپن تي ڊگهيون قطارون آهن ۽ ماڻهن کي ٻارڻ جي کوٽ بابت شڪايتون آهن. ان جو اثر پيوٽن جي حامين ۽ مخالفن ٻنهي تي برابر پيو آهي.
بوٽرسڪي جو چوڻ هو ته روسي صدر عام طور اهڙن مسئلن کي قبول ڪرڻ کان پاسو ڪندو آهي، پر هن ڀيري پيوٽن کي ٻارڻ جي کوٽ جو اعتراف ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اها حقيقت لڪائڻ ممڪن نه رهي هئي.
پيوٽن وٽ انڪار جو ڪو رستو نه بچيو
برسلز ۾ سينٽر فار رشيا، يورپ اينڊ ايشيا اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ٽيريسا فيلن به ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته روسي حڪومت هاڻي عوام کان حقيقتون لڪائي نٿي سگهي.
هن جو چوڻ آھي تہ ماسڪو ۾ دونهين جا ڪارا ڪڪر، پيٽرول اسٽيشنن تي ڊگهيون قطارون، ماڻهن جا جهيڙا ۽ سوشل ميڊيا تي شڪايتون اهڙيون حقيقتون آهن، جن کي پيوٽن وڌيڪ نظرانداز نٿو ڪري سگهي. فيلن موجب پيوٽن کي شايد گهڻي عرصي تائين رڳو ھاڪاري رپورٽون مليون، پر هاڻي کيس عوامي دٻاءُ سبب حقيقت قبول ڪرڻي پئي.
ڇا معاشي دٻاءُ روس کي ڳالهين تي مجبور ڪندو؟
يوڪرين جي پارليامينٽ جي ميمبر اوليڪسي گونچارينڪو (Oleksiy Goncharenko) جو چوڻ آهي ته يوڪرين جو مقصد روس جي معيشت کي ايترو ڪمزور ڪرڻ آهي، جو ماسڪو ڳالهين تي مجبور ٿي وڃي.
هن چيو تہ جنگ جاري رهڻ جو واحد سبب پيوٽن آهي. يوڪرين هر اهو قدم کڻڻ چاهي ٿو، جنهن سان پيوٽن کي احساس ٿئي ته هاڻي جنگ بند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن وڌيڪ زور ڏنو ته روس جي توانائي واري شعبي تي حملا ڪامياب رهيا آهن ۽ ايندڙ مهينن ۾ روس جي معاشي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
پر ڇا اهو ڪافي هوندو؟
ٽيريسا فيلن جو خيال آهي ته رڳو معاشي دٻاءُ پيوٽن کي امن ڳالهين تي مجبور نه ڪندو. هن جو چوڻ آھي تہ پيوٽن ڪڏهن به سنجيدگي سان امن ڳالهين ۾ دلچسپي نه ڏيکاري آهي. هن جنگ شروع ڪئي آهي ۽ هو ان کي هارڻ نٿو چاهي.
سندس چوڻ موجب روس اڳ ئي لکين فوجي وڃائي چڪو آهي، معيشت دٻاءُ هيٺ آهي ۽ فوجي قيادت کي به وڏو نقصان پهتو آهي، پر ان باوجود روسي سياسي نظام اڃا مضبوط آهي ۽ اندروني مخالفت کي تقريباً ختم ڪيو ويو آهي.
پابندين ۾ سختي جي ضرورت
اوليڪسي گونچارينڪو جو خيال آهي ته موجوده پابنديون اثرائتيون ضرور آهن، پر انهن ۾ ڪيترائي رستا موجود آهن. هو مطالبو ڪري ٿو ته روس کي مڪمل طور مالي نظام کان ڌار ڪيو وڃي، روس ڏانهن ٻٽي استعمال (Dual-use) واري ٽيڪنالاجي جي فراهمي روڪي وڃي.روسي تيل سان ڪم ڪندڙ عالمي ريفائنرين تي به پابنديون لڳايون وڃن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي رستا بند ڪيا وڃن ته روسي معيشت تي دٻاءُ تمام تيزي سان وڌندو.
روس اندر به خدشا وڌي رهيا آهن
اليگزينڊر بوٽرسڪي موجب روس جي حڪمران اشرافيه ۾ به هاڻي معاشي بوجھ بابت خدشا وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته روس جا ڪجهه معاشي ماهر ۽ حڪومتي صلاحڪار آهستي آهستي اهو اشارو ڏئي رهيا آهن ته جنگ کي هڪ يا ٻن سالن اندر ختم ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي کوٽ، وڌندڙ مهانگائي ۽ بئنڪن مان وڏي پئماني تي پئسا ڪڍرائڻ عوام جي بي اعتمادي کي ظاهر ڪري ٿو.
چين، ڀارت ۽ بيلاروس جو ڪردار
تجزيه نگارن موجب روس مڪمل طور اڪيلو ناهي ٿيو. ڀارت، بيلاروس ۽ چين مختلف طريقن سان روس جي مدد ڪري رهيا آهن.
ڀارت ريفائن ڪيل پيٽروليم شيون روس ڏانهن موڪلي رهيو آهي، جڏهن ته بيلاروس توانائي جي امپورٽ ۾ چٽواضافو ڪيو آهي. ٻئي طرف چين لاءِ هي جنگ هڪ حد تائين فائديمند به آهي، ڇاڪاڻ ته روس جي مغرب کان وڌندڙ دوري سبب ماسڪو بيجنگ تي وڌيڪ انحصار ڪري رهيو آهي.
ماهرن جي مجموعي راءِ موجب يوڪرين جي نئين حڪمت عملي روس جي معيشت تي واضح دٻاءُ وڌو آهي ۽ ان جا اثر هاڻي عام روسي شهرين تائين پهچي چڪا آهن. ٻارڻ جي کوٽ، وڌندڙ قيمتون ۽ عوامي بيچيني يقيناً ڪرملن لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري رهيا آهن.
تنهن هوندي به، گهڻا تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته صرف معاشي دٻاءُ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هوندو. جنگ جي پڄاڻي جو دارومدار روس جي سياسي قيادت، مغربي ملڪن جي پابندين، يوڪرين جي فوجي حڪمت عملي ۽ عالمي سفارتي ڪوششن تي رهندو. جيڪڏهن ايندڙ مهينن ۾ معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌيو ۽ سياسي حالتون تبديل ٿيون، ته ڳالهين جو نئون موقعو پيدا ٿي سگهي ٿو، پر في الحال جنگ جي جلد خاتمي بابت يقين سان ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.
ٽي ايس ايل انٽرنيشنل مانيٽرنگ ڊيسڪ


