ھندن جو روحاني پيشوا ۽ رھڙڪي درٻار جو گادي نشين سائين ساڌ رام اڄ پرلوڪ پڌاري ويو

پاڪستان خاص طور سنڌ، انڊيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سائين ساڌو رام جا لکين مريد آھن جن کي صدمو رسيو آھي. سڌ پوڻ کانپوءَ رھڙڪي صاحب جي درٻار ۾ سندس ھزارين مريد گڏ ٿي ويا آھن. ساڌ رام جي وڇوڙي تي رهڙڪي ۾ هندو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏيئي روئي رهيا آھن. رهڙڪي ۾ سوڳ وارو ماحول آھي ۽ هر اک آلي آھي. رھڙڪي کان علاوہ گھوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي ڪافي شھرن ۾ ڪاروبار بند آھي.
رھڙڪي صاحب جي درٻار سائين ساڌرام جي ناني سائين سترام داس (جنھن کي ايس ايس ڊِي چيو وڃي ٿو) جي نالي تي آھي جيڪو ٻيو گادي نشين ھو. سائين ساڌ رام درٻار جو ستون گادي نشين ھو.

سائين ساڌ رام گادي نشين ڪيئن ٿيو؟
رهڙڪي جي سنت سائين ساڌ رام جن جو جنم 25 آڪٽوبر 1963 ۾ ٿيو. سندن اصل نالو سائين جنارڌن لعل هو جيڪو بعد ۾ سائين ساڌ رام پيو. سائين ساڌ رام جن جي پتا جو نالو بابل سائين ڀڳوان داس ھو. سائين جڏھن ڇهن ڏينهن جا هئا ته سندن ماءُ هميشه لاءِ ھِي فاني جھان ڇڏي هلي وئي. پوءِ سائين ساڌ رام جو پالڻ پوسڻ سندن ناني ڪيو. .سائين جن هڪ اعلٰى عھدي تي ھُئا پر رهڙڪي درٻار جي گادي نشين دُولھ درويش سائين ڪنيا لعل جَن جي پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ سائين ساڌ رام صاحب جَن کي درٻار جي گادي تي ويهاريو ويو جنهن کان پوءِ سائين جن پنهجي آفيسر واري پوسٽ تان استيعفا ڏني ۽ درٻار جا ڪم ڪار سنڀالڻ لڳا.

نئين درٻار جو جنم
سائين ساڌ رام پنهجي خُوشگوار طبيعت، کلندڙ چهري ۽ هٿ ٻڌي ملڻ جي عادت ڪري لکين ماڻھن کي پنهنجو ڪيو انهن جي دل کي کٽيو آھي. سائينجن ڀيد ڀاءُ ختم ڪرڻ لاءِ مينگهواڙ، ڀيل، اوڏ،ٿوري سڀني ذاتن کي درٻار اندر جڳھ ڏني عزت ڏني ۽ پنهجو مريد بڻايو.
سائين جن ٻين سنتن ٻين درٻارن جي گادي نشين کي به عزت ڏني اُنهن ڏانهن پاڻ ويا اُنهن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي انهن کي پنهجو بڻايو.
سائين ساڌ رام رهڙڪي درٻار جي گادي تي ويهڻ کان پوءِ درٻار جي پوئلڳن ۾ لکين مُريدن جو اظافو پڻ ٿيو ۽ درٻار جي خُوبصورتي ۾ به بي انتها اظافو پڻ ٿيو.

شخصيت جو اثر
سائينجن سادي فقيراڻي طبيعت جا مالڪ آھن ۽ رزو جي معمول زندگي ۾ صبح جو سوير اٿي پوجا پاٺ ڪرڻ درٻار جا ڪم سنڀالڻ شام جو پوجا پاٺ ڪرڻ ۽ روز ٻه چار ڪلاڪ ويهي سوين ماڻھن جون ڳالهيون ٻڌڻ انهن کي دعا ڌاڳو ڏيڻ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ شامل آھي ۽ ان سان گڏ سنڌ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مريدن جي سڏ تي يا دعوت تي جتي پوجا پاٺ جو پروگرام رکيل هوندو آھي وڃي پهچندا هئا نه ڏينهن ڏسندا ھئا نه رات؛ پري پري سفر ڪري اُتي ويندا ھئا..
سائينجن ڀڳتن جي سڏ تي انهن کي آشيرواد ڏيڻ لاءِ انهن جي پوجا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ۽ پنهجي مرشد سائين سترام داس جو پرچار ڪرڻ لاء انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ سان گڏ نيپال آسٽرليا دبئي ترڪي ۽ ٻين ملڪن پڻ ويندا رھيا آھن.

ڪيئن پڌاري ويا؟
اڄ صبح امرت ويلي وقت 4:30 وڳي پرٿوي تان سرڳ جي بادشاھ سچيء سائينء سترام داس جي گود ۾ سمائجي ويو. ھو گردن جي بيماريءَ سبب سنگاپور جي ھڪ اسپتال ۾ ڪافي وقت کان علاج ھيٺ ھو.

آخري رسمون
پوج رهڙڪي صاحب جي گادي نشين، حاضر سروپ سائين ساڌ رام صاحب جن جو مڙهه ڏينهن ٻڌ وار(اربع) منجهند جو 2 وڳي سکر ايئرپورٽ تي پهچندو، جتان گلن جي شرڌانجلي بعد رهڙڪي صاحب آندو ويندو۔ بعد ۾ سندس مريد پنهنجي محبوب سائين کي آخري ڀيٽا پيش ڪندا.

اگني سنسڪار
سنت سائين جو اگني سنسڪار خميس ڏينھن صبح 10 وڳي رهڙڪي صاحب ۾ ادا ڪيو ويندو۔
درٻار جي نئين گادي نشين جو فيصلو ڪيئن ٿيندو
درٻار جي نئين گادي نشين جو فيصلو ساڌ رام ۽ سندس اڳ واري گادي نشين جا ڪٽنڀ گڏيل طور ڪندا.

ڪنور ڀڳت رام جي درٻار
ھن درٻار جي گادي نشينن جي سلسلي جو ٽيون گادي نشين ڀڳت ڪنور رام ھو. ھو سنڌ جي مشهور صوفي راڳي، سماجي سڌارڪ ۽ انسان دوست شخصيت هو. پاڻ 13 اپريل 1885ع تي سنڌ جي ضلعي سکر ڀرسان جروار واري علائقي ۾ جنم ورتو. ڀڳت ڪنور رام هندو هجڻ باوجود مسلمانن، هندن ۽ ٻين سڀني مذهبن جي ماڻهن ۾ هڪجهڙي عزت ۽ محبت ماڻي..
هو پنهنجي صوفي راڳ، ڀڄنن، ڪافين ۽ انسانيت جي پيغام سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو. سندس محفلن ۾ هر مذهب جا ماڻهو وڏي عقيدت سان شرڪت ڪندا هئا. ڀڳت ڪنور رام پنهنجي فن ذريعي محبت، رواداري، امن، برابري ۽ انسان دوستي جو درس ڏيندو هو.
سندس سادگي، غريب پروري ۽ خدمت جو جذبو به تمام گهڻو مشهور هو. سنڌ جي صوفي روايتن ۾ ڀڳت ڪنور رام کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر جو پوئلڳ پڻ سمجهيو ويندو آهي.
نومبر 1939ع تي رڪ ريلوي اسٽيشن وٽ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندس شهادت کي سنڌ جي ثقافتي ۽ روحاني تاريخ جو وڏو نقصان سمجھيو وڃي ٿو. ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔