ڪراچيءَ ۾ اين ايڇ اي ريجنل آفيس آڏو ٺيڪيدارن جو احتجاج، تصديق ٿيل بلن جي عدم ادائيگي خلاف سخت ردعمل

هي احتجاج ملڪ جي ٻين حصن ۾ اڳ ٿيل مظاهرن جي تسلسل طور ڪيو ويو، جن ۾ اسلام آباد، پشاور ۽ پنجاب جا علائقا شامل آهن. احتجاج ۾ شامل ٺيڪيدارن جو چوڻ هو ته کين مسلسل ٽن يا وڌيڪ انٽرِيم پيمينٽ سرٽيفڪيٽس (IPCs) جي ادائيگي ۾ دير سبب احتجاج تي مجبور ٿيڻو پيو آهي، جڏهن ته سمورا ڪم مڪمل، معائنو ٿيل ۽ باقاعده طور تي لاڳاپيل اختيارين طرفان تصديق ٿيل آهن.

صحافين سان ڳالهائيندي ٺيڪيدارن جي نمائندن چيو ته اين ايڇ اي تحت مينٽيننس ٺيڪا هڪ مڪمل قانوني، ٽيڪنيڪل ۽ شفاف عمل ذريعي ڏنا ويندا آهن، جيڪو ڪم پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (PPRA) جي ضابطن مطابق عمل ۾ آندو وڃي ٿو. ھنن جو چوڻ آھي تہ ٺيڪيدارن کي اخبارن ذريعي دعوت ڏني وئي، ٽيڪنيڪل ۽ مالي جاچ کان پوءِ چونڊ ٿي ۽ باضابطه معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

انهن وڌيڪ چيو ته ڪم جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هر مرحلو تفصيلي معائني، ماپن، ليبارٽري ٽيسٽنگ، ۽ انجنيئرن، ڪنسلٽنٽن ۽ فيلڊ اسٽاف جي تصديق کان گذري ٿو، جنهن کان پوءِ ئي انٽرِيم پيمينٽ سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا وڃن ٿا. ان باوجود، انهن جي مطابق، ادائيگين ۾ مسلسل دير سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي.

ٺيڪيدارن جو چوڻ هو ته تصديق ٿيل بلن جي ادائيگي کان انڪار يا غيرضروري دير معاهدي جي بنيادي اصولن ۽ بين الاقوامي FIDIC طرز جي معاهدن جي روح جي خلاف آهي. اهڙي صورتحال نه رڳو قانوني سوال پيدا ڪري ٿي پر پوري تعميراتي نظام جي اعتبار کي به متاثر ڪري ٿي.

انهن نشاندهي ڪئي ته پورو خريداري ۽ ٺيڪيداري نظام پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي، مواصلات واري وزارت ۽ لاڳاپيل انجنيئرنگ ادارن جي نگراني هيٺ هلندو آهي، جتي هر قدم دستاويزي ۽ قانوني طور تي محفوظ هوندو آهي. ان جي باوجود ادائيگين ۾ رڪاوٽون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن.

ٺيڪيدارن چيو ته ادائيگين ۾ دير سبب کين عملي طور تي سخت مالي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. مزدورن جون اجرتون، مشينري جا ڪرايا، ٻارڻ جا خرچ، ۽ سپلائرز جون ادائيگيون رڪجي ويون آهن، جڏهن ته لکين روپيا سيڪيورٽيز، رٽينشن ۽ التوا ۾ پيل بلن جي صورت ۾ ڦاٿل آهن.

انهن خبردار ڪيو ته موجوده صورتحال نه صرف ٺيڪيدارن کي متاثر ڪري رهي آهي، پر انجنيئرن، ٽيڪنيشنن، مزدورن ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي هزارين خاندانن جي روزگار لاءِ به خطرو بڻجي وئي آهي. ڪيترائي تجربا رکندڙ ادارا پنهنجيون سرگرميون محدود ڪرڻ يا مڪمل طور شعبي مان نڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.

ٺيڪيدارن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ملڪ ۾ تعميراتي شعبي کي رياستي ترقي جو بنيادي ٿنڀو سمجهيو ويندو آهي، پر پاڪستان ۾ لاڳيتين مالي رڪاوٽن سبب هي اهم شعبو عدم استحڪام جو شڪار آهي.

ٽول ٽيڪس جي حوالي سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته روڊ استعمال ڪندڙ عوام کان ورتل ٽول جو بنيادي مقصد محفوظ، هموار ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ادائيگين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ۽ مينٽيننس متاثر ٿئي ته ٽول سسٽم جو بنيادي مقصد ختم ٿي وڃي ٿو.

ٺيڪيدارن واضح ڪيو ته هو حڪومت جا سيڙپڪار نه پر معاهدي تحت ڪم ڪندڙ سروس فراهم ڪندڙ آهن، جيڪي رياست جي هدايتن مطابق ڪم مڪمل ڪن ٿا. ادائيگين ۾ دير پوري مالي ۽ آپريشنل سلسلي کي متاثر ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مسلسل ٽن يا وڌيڪ IPCs جي ادائيگي نه ٿيڻ سبب کين احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻو پيو آهي، ۽ جيڪڏهن صورتحال برقرار رهي ته ملڪ جي شاهراهن جي مينٽيننس نظام تي وڌيڪ منفي اثر پئجي سگهن ٿا.

انهن وزيراعظم پاڪستان کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪندي چيو ته تصديق ٿيل ادائيگيون بغير ڪنهن دير جي قانون، معاهدن ۽ ضابطن مطابق جاري ڪيون وڃن. ساڳئي وقت انهن اين ايڇ اي کي مڪمل مالي ۽ انتظامي اختيار ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ادائيگين جو نظام شفاف ۽ مؤثر انداز ۾ هلائي سگهجي.

ٺيڪيدارن چيو ته اين ايڇ اي هڪ اهم قومي ادارو آهي، جنهن ملڪ ۾ هزارين ڪلوميٽر شاهراهن ۽ موٽر ويز تعمير ڪري ترقي ۽ رابطن کي ھٿي وٺريئي آهي. هي ادارو قومي ترقي جي ڪرنگھي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو، جنهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

آخر ۾ احتجاج ڪندڙن زور ڏنو ته سندن مطالبو ڪنهن به قسم جي امتياز يا اضافي رعايت نه، پر رڳو تصديق ٿيل ڪمن جي جائز ۽ فوري ادائيگي آهي، جيڪا معاهدي ۽ قانون تحت انهن جو حق آهي. احتجاج پرامن ماحول ۾ ختم ڪيو ويو، جڏهن ته ٺيڪيدارن واضح ڪيو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔: ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔