
سنڌ جي ساحلي ضلعن ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ ھولناڪ تباھي مچائيندڙ 1999 واري سامونڊي طوفان JWTC /02A کي 20 مئي تي 26 سال مڪمل
تحرير و تحقيق نصرالله جروار
20 ۽ 21 مئي 1999 جي اھا ڀيانڪ رات اڃان تائين لاڙ جي ساحلي علائقن جي ماڻھن کي ياد آھي جنھن رات سامونڊي طوفان شديد برسات سان گڏ اوندا ھي ۾ لاڙ جي آسمان ۽ تارن کي اجنبي بنائي ڇڏيو ھو. ان ڀيانڪ رات جو تصور ايندي سامونڊي پٽي جا ماڻھون ڏڪي ويندا آھن . سامونڊي طوفان جنھن کي سائيڪلون JTWC/02A جو نالو ڏنو ويو ھو سو عربي سمنڊ مان اٿي سنڌ جي ساحلي علائقي سان ٽڪرائجي وڏي تباھي مچائي ھئي.
سائيڪلون زيرو ٽو اي پنھنجي طاقت ۽ شدت سان تباھي جي تاريخ رقم ڪندي ھن لاڙ جي سامونڊي پٽي جي سيني تي پنھنجي دھشت ۽ تباھي جا اڻ مٽ نشان ڇڏيندي لاڙ جي سر سبز کيتن ۽ ڳوٺن کي تباھ ۽ برباد ڪري ويو ۽ ڪيتريون انساني جانيون چڪردار سائيڪلون جي ور چڙھي موت جو کاڄ بنجي ويون. ڪيٽي بند کان ڏيپلي تائين سنڌ جو ساحلي علائقو مڪمل 20 ۽ 21 مئي جي وچ واري رات ھن چڪردار خطرناڪ سامونڊي طوفان زيرو ٽو اي جي گھيري ۾ ھو.
26 سال اڳ ھن سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ تباھي مچائيندڙ سامونڊي طوفان جنھن ۾ ھوائن جي رفتار 270 کان 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ھئي سمنڊ کان ڪناري تائين 350 ڪلوميٽرن جي ويڪر ۽ جڏھن ته 500 ڪلوميٽرن کان مٿي ڊيگھ رکندڙ ھن سامونڊي سائيڪلون ساحلي علائقن ڪيٽي بندر ، شاھبندر، جاتي، سجاول، ڇچ جھان خان، چوھڙ جمالي، جاتي گولاڙچي احمد راڄو ڀڳڙا ميمڻ، سيراڻي ٻھڊمي ڪڍڻ روپي ماڙي ، بڙ جو ڍورو، علي بندر سميت بدين، تلھار، ٽندو باگو کي سخت متاثر ڪيو. سڀ کان وڌيڪ تباھي شاھبندر، ڇڇ جھان خان، ۽ جاتي جي علائقن ۾ ٿي جتي وڏو جاني نقصان ٿيو.
گڏ ڪيل معلومات موجب 20 مئي 1999 تي بحريه عرب مان اٿندڙ سامونڊي طوفان سائيڪلون زيرو ٽو اي 20 مئي جي ڏينھن جو شروع ٿيڻ بعد 21 مئي جي ڏينھن جو 2 بجي تائين شدت سان تباھي مچائيندو رھيو. ان سامونڊي طوفان سائيڪلون زيرو ٽو اي جي تباھي جي سرڪاري ادارن سميت غير سرڪاري تنظيمن ۽ ان وقت جي پرنٽ ميڊيا جي سنڌي اخبارن جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب سائيڪلون زيرو ٽو اي ۾ سنڌ جي ساحلي علائقن جي ماڻھن کي اربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو. 400 ماڻھون موت جو شڪار ٿيا ھئا انھن ۾ سمنڊ ۾ مڇي ماريندڙ ماھيگير پڻ شامل ھئا. پنج لک کان وڌيڪ ماڻھون معاشي طور سخت متاثر ٿيا، ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ اھڙا ڪيس رڪارڊ ٿيا جيڪي طوفان جي دھشت سبب دماغي توازن وڃائي ويٺا، 56678 گھر مڪمل برباد ٿي ويا، ماھيگيرن جي 6000 ھزار ٻيڙن يا ھوڙن کي نقصان پھتو 18000 ھزار چوپايو مال جنھن ۾ ٻڪريون، رڍون، ڳئون، مينهون شامل ھيون موت جو شڪار ٿيون، پنجاه ھزار کان مٿي پکي ۽ جھنگلي جانور جن ۾ ڪانگ، ڳيرو، جھرڪي، ڪٻر، ڪارڙو تتر، اڇڙو تتر، ليلو، وھيو، جھنگلي ڪڪڙ، ثيٽھير ، طوطو ڪبوتر، پاريل۽ ٻيا پکي شامل ھئا، جھنگلي جانورن ۾ سھو، جھنگلي ٻلو، ڳوہ، گدڙ، لومڙي، ٿر ڄاھو، نور، کلوڪڙي، ڳوھيرو، موت جو کاڄ ٿيا،
ھڪ لک ٻاونجھاہ ھزار ايڪڙن تي مشتمل زرعي فصل برباد ٿيو، ھڪ لک پنجاه ھزار کان به وڌيڪ وڻ پنھنجو وجود وڃائي ويٺا، 1000 کان وڌيڪ مٺي پاڻي جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون برباد ٿيون ۽ ھزارين ڪلوميٽرن تي ڦھليل آب پاشي نظام ناڪاره بنجي ويو بدين ۽ ضلعي سجاول جي ھڪ سئو کان مٿي تاريخي ماڳن وارن آثارن ۽ دڙن کي شديد نقصان پھتو ان ۾ روپاء ماڙي جو دڙو، شيخاڻي گھاڙي وارا تاريخي آثار، انڙڪي ڪوٽ، مڱرين جو دڙو، آسيلي جو دڙو، ٿري جا آٽار، ونگي جا آثار، بڙ جو ڍورو، تاجن جو ڪوٽ، ملان حسن ۾ حمل جت ۽ راڌو جت جي تجرون، جسودڻ وارو دڙو، جوڻ ۽ فتح باغ جا آثار، علي بندر، شاه بندر، سنڊو بندر، اورنگا بندر، شيخ ڪريو بانڍاري وارو تاريخي ماڳ، محمد طور يا شاہ ڪپور جا آثار، رڙي جا تاريخي آثار، جھالار ، ابن شاه جا ٽڪر، ڄام ڪھير جو تاريخي مقبرو، ڇڇ جھان خان جا تاريخي آثار،ڪوٽ ٻانڀڻ، اگھم ڪوٽ ۽ ٻيا شامل آھن جيڪي بري طرح متاثر ٿيا.
سائيڪلون زيرو اي ٽو جي تباه ڪارين باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت امڪاني طور ايندڙ سامونڊي طوفانن شديد برساتن ۽ ٻين ايندڙ قدرتي آفتن کان بچاء لاء جوڳا اپاءَ نه ورتا آھن. طوفانن ، برساتن يا قدرتي آفتن جي روڪي ته نه ٿو سگھجي پر حفاظتي اپاء وٺڻ سان ايندڙ امڪاني قدرتي آفتن دوران جاني توڙي مالي نقصان کي گھٽائي سگھجي ٿو. پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ھن علائقي جي بچاء ۽ تحفظ جي لاء ڪڏھن به سنجيدگي سان نه ويچاريو آھي جنھن سبب سنڌ جو ھي ساحلي علائقو انڊس ڊيلٽا ڀڙڀانگ لڳو پيو آھي.
سنڌ جي ھن سامونڊي علائقن ۾ زندگي جي بنيادي سھولت ڪٿي به نظر نه ايندي رڳو درد ، ڏک ۽ تڪليفون ساحلي علائقي جي رھواسين جو مقدر بنيل آھن. دنيان جي سڌريل ملڪن جا سامونڊي يا ساحلي علائقا سر سبز ۽ شاندار سياحتي مرڪز ھوندا آھن پر شايد سنڌ جو ھي دنيان جو واحد ساحلي علائقو آھي جتي ڏکن ۽ دردن جون اڻ کٽ ڪھاڻيون آھن.
جتي سنڌو درياء ڇوڙ ڪري ٿو اتي جي ساحلي علائقي جا ماڻھون پيئڻ جي مٺي پاڻي کان به مرحوم آھن ۽ ساحلي علائقي جو جر مڪمل کارو آھي ۽ جتان جا ماڻھون کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن جنھن. سبب ھن علائقي جا ماڻھون چمڙي، معدي ، جگر ، گردن ، ٽي بي ڪينسر سميت ٻين روڳي بيمارين ۾ ورتل آھن. انڊس ڊيلٽا جي بحالي ۽ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ جي لاء ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ مسلسل پاڻي ڇڏيو وڃي ته جئين انڊس ڊيلٽا جي بحالي ٿي سگھي ۽ ماحولياتي توازن برقرار رھي سگھي.
سامونڊي ڪناري وارن ڳوٺاڻن کي طوفانن ۽ ٻين قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاء تربيتون ڪرايون وڃن.
ڪراچي کان علي بندر تائين ڪوسٽل ھاء وي ٺاھيو وڃي. ڳوٺن کي لنڪ روڊ ڏيئي ڪوسٽل ھاء وي سان ڳنڍيو وڃي. موبائيل ٽاور لڳائي مواصلاتي نظام جي بھتر ڪيو وڃي.
سمورن سامونڊي علائقي وارن ڳوٺن ۾ مٿاھين جاين تي محفوظ ۽ حفاظتي ايمرجنسي شيلٽر تعمير ڪيا وڃن.
تمر جا ٻيلا وڏي مقدار ۾ لڳايا وڃن. تمر جا ٻيلا طوفانن تيز ھوائن ۽ سامونڊي لھرن کي روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ زمين کي سمنڊ جي پاڻي جي کاڌ کان پڻ روڪين ٿا. سامونڊي طوفان يعني سائيڪلون کي مڪمل طور روڪي نٿو سگهجي، ڇو ته اهي قدرتي نظام آهي۔ پر انسان قدرتي ۽ حفاظتي اپائن سان انهن جي نقصان کي گهڻو گهٽ ڪري سگهي ٿو۔
سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ء ان جي لاڳاپيل اختيارين کي سنڌ جي سامونڊي پٽي جي رھواسين جي ڏکين حالتن مان ڪڍڻ جي لاء سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ گھرجي.


