
هڪ اصول پسند عوامي اڳواڻ کي 83 هين ورسيءَ تي ڀيٽا
ليکڪا نائلا ٻوهيو
(لارينسس، آمريڪا)
انگريز سامراج جي غلاميءَ جي دور ۾ سنڌ جي سياست موقعي پرستي ۽ مذهبي جنونيت جي ور چڙهيل هئي. سياست جي اهڙي اونداهي ۽ داغدار ماحول ۾ شھيد اﷲ بخش سومرو وطن دوستي، ايمانداري ۽ رواداريءَ جي روشنيءَ سان سرشار هڪ مثالي سياستدان هو، جنھن جو ساکتو ڪردار سياست جي شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ رهنما جي حيثيت رکي ٿو. شھيد ﷲ بخش سومري 31 آگسٽ 1900ع ۾ سنڌ جي علمي ۽ هنري شھر شڪارپور جي هڪ ٺيڪيدار مستري محمد عمر جي گھر ۾ جنم ورتو. هن شڪارپور ۾ ئي سنڌي، انگريزي ۽ فارسي تعليم ورتي. پاڻ 1918ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري پيءَ محمد عمر جو ڪاروبار سنڀالڻ شروع ڪيائين. شھيد اﷲ بخش پنھنجي سياست جي شروعات 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپالٽي جي ميمبر طور ڪئي. پاڻ 1928ع تائين اتي ميونسپالٽي ميمبر رهيو. ان کان پوءِ شھيد ﷲ بخش 1928ع ۾ ضلعي سکر لوڪل بورڊ جو ميمبر بڻيو ۽ اڳتي هلي 1930ع کان 1931ع تائين لوڪل بورڊ جو پريذيڊنٽ رهيو. ان دوران هن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي لاءِ سنڌ سطح جي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي. شھيد ﷲ بخش 1926ع کان 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو، جتي پنھنجي جرئت ۽ کرائڀ واري ڪردار سان مشھور رهيو
شھيد ﷲ بخش سومري سنڌ سطح تي عملي سياست جي شروعات 1934ع ۾ شاهنواز ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد جي جوڙيل "پيپلز پارٽي” کان ڪئي، جنھن جو پاڻ ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو. اڳتي هلي شھيد ﷲ بخش سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ پوءِ شاهنواز ڀٽي، سائين جي ايم سيد ۽ عبدالله هارون جي جوڙيل "سنڌ اتحاد پارٽي” ۾ شامل ٿيو. 1937ع واري اليڪشن ۾ پاڻ سنڌ اتحاد پارٽيءَ جي ميمبر طور چونڊجي آيو. ان اليڪشن ۾ اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر عبدﷲ هارون هارائي ويا. اليڪشن ۾ اتحاد پارٽي 34 سيٽن سان اڪثريتي پارٽي طور کٽي آئي، پر ان جي باوجود گورنر سرلنسليٽ گرهام 5 ميمبرن واري پنھنجي وفادار غلام حسين هدايت ﷲ کي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. سر غلام حسين انگريز گورنر جي مدد سان سنڌ اتحاد پارٽي جا 25 ميمبر خريد ڪري هندو انڊپينڊنٽ پارٽي سان گڏجي وزارت جوڙي ورتي. ان وقت شھيد ﷲ بخش سومرو اتحاد پارٽي جي ليڊر طور مخالف ڌر جو ليڊر بڻيو. اڳتي هلي 23 مارچ 1938ع ۾ بجيٽ جي هڪ اسم تي "هڪ رپيو ڪٽ” جو گڏيل ٺھراءُ پاس ڪرڻ کان پوءِ، شھيد ﷲ بخش ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽي جي مدد سان غلام حسين هدايت ﷲ جي وزارت ڪيرائي اتحاد پارٽي جي وزارت قائم ڪئي. پاڻ هن وزارت ۾ پھريون ڀيرو وزيراعظم بڻيو. شھيد ﷲ بخش سومري پنھنجي وزارت دوران هيٺيان مثالي ڪم ڪيا:
1- ننڍي کنڊ جي جلاوطن انقلابي اڳواڻ امام انقلاب عبيدﷲ سنڌيءَ جي وطن واپسيءَ لاءِ ڪوششون ۽ ڪراچي بندر تي سندس استقبال ڪرڻ
2 – لوڪل باڊيز مٿان ٿاڦيل سرڪاري ميمبرن جو خاتمو
3 – جاگيردارن جا اعزازي مئجسٽريٽي پاور ختم ڪرڻ
4 – سنڌ جي استادن جون پگھارون وڌائڻ
5 – پاڻ سوڌو وزيرن جون پگھارون گھٽائڻ. عوامي ڪچھرين جو سلسلو شروع ڪري عام ماڻھن سان سڌي نموني رابطي ۾ اچڻ.
6 – ھر آفيسر وٽ عام ماڻھوءَ کي ڪرسي ڏيڻ جو قدم کڻڻ.
7 – واهن ۾ سڌارن ذريعي آبپاشي نظام کي بھتر بڻائڻ.
8 – سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن جو خاتمو.
شھيد ﷲ بخش سومري جا حڪومتي قدم سندس سنڌ دوستي، عوام دوستي ۽ اصول پسندي جا شاهڪار مثال آهن، جيڪي هن کي سندس هم عصر حڪمرانن ۾ منفرد مقام ڏين ٿا.
آڪٽوبر 1938ع ۾ عبدالله هارون جي گھر جناح صاحب جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو. اتي جناح صاحب شھيد ﷲ بخش سومري کي گھرائي وزيراعظم جي عھدي تان هٿ کڻڻ جي ڳالھہ ڪئي، جنھن تي شھيد ﷲ بخش انڪار ڪيو. ان کان پوءِ جناح صاحب مسلم ليگ وارن کي شھيد ﷲ بخش جي وزارت ڪيرائڻ جو ٽاسڪ ڏنو. 1939ع ۾ مسلم ليگ مسجد منزل گاهہ جو مسئلو اٿاريو. هندو – مسلم تضاد پيدا ڪري سکر ۾ وڳوڙ ڪرايا ويا، پر شھيد ﷲ بخش مسلم ليگ وارن آڏو آڻ نہ مڃي. مسجد منزل گاهہ مسئلي ۾ غير جانبدار رهڻ سبب مسلمان توڻي هندو شھيد ﷲ بخش جا مخالف بڻجي ويا. ان کان پوءِ مسلم ليگ ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن جي مدد سان شھيد ﷲ بخش جي وزارت ڪيرائي مير بنده علي ٽالپر کي وزيراعظم چونڊرائي ورتو. مسجد منزل گاھہ جو مذهبي ڪارڊ کيڏڻ کان پوءِ هندو ميمبرن جي مدد سان شھيد ﷲ بخش جي وزارت ڪيرائڻ وارو عمل سنڌ جي پارلياماني تاريخ ۾ مسلم ليگ جي سياسي ڪردار مٿان ڪارو داغ آهي. ستت ئي سنڌ آل انڊيا جماعتن جي تضادن جو آکاڙو بڻجي وئي. مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي تڪراري روين سبب ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيھر شھيد ﷲ بخش جو ساٿ ڏنو ۽ هنن گڏجي مسلم ليگ جي وزارت ڪيرائي ۽ شھيد ﷲ بخش کي وزيراعظم چونڊرايو ويو.
شھيد ﷲ بخش سومرو ننڍي کنڊ جو نظرياتي ۽ روشن خيال سياستدان هو. جڏهن مسلم ليگ 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ مسلم اڪثريتي علائقن تي ٻڌل مذهبي ملڪ ٺاهڻ جي گُھر ڪئي، تہ شھيد ﷲ بخش مسلم ليگ جي ان مذهبي اسڪيم خلاف اپريل 1940ع ۾ دهليءَ ۾ "آزاد مسلم ڪانفرنس” ڪوٺائي ننڍي کنڊ جي قومي سوچ رکندڙ مسلم اڳواڻن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو. شھيد ﷲ بخش ان ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ مسلم ليگ جي مذهبي جنونيت ۽ ٻہ قومي نظريي کي دليلن سان رد ڪيو.
شھيد ﷲ بخش سومرو انقلابي ڪردار جو مالڪ اصول پسند سياستدان هو. ٻئين عالمي جنگ دوران انگريز سرڪار ننڍي کنڊ جي محڪوم قومن کي آزادي ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بدران جبري طور کين جنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ آزادي پسند سياسي ڪارڪنن ۽ مزاحمتڪارن خلاف جبر ۽ پرتشدد ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون. شھيد ﷲ بخش سومري انگريز سرڪار جي اهڙي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪندي 26 سيپٽمبر 1942ع تي گورنر کي خط لکي خانبھادري ۽ او بي اي جا لقب واپس ڪيا. ان کان پوءِ گورنر سر هيوڊو شھيد ﷲ بخش جي وزارت ڊسمس ڪري ڇڏي. سر غلام حسين هدايت ﷲ مسلم ليگ جي مدد سان وزارت قائم ڪري ورتي.
شھيد ﷲ بخش سومرو سنڌ جو دور انديش ۽ مدبر سياستدان هو. هن مذهب جي نالي تي ٺھندڙ نئين ملڪ ۾ سنڌ جي اونداهي آئيندي کي محسوس ڪري ورتو هو. پاڻ ان وقت ئي سائين جي ايم سيد کي خبردار ڪندي چيو هئائين تہ:
” تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو، ان ڪري عملي سياست کان واقف نہ آهين. عملي سياست ۾ واعدن، ٺھرائن ۽ اصول کي ڪو پڇي ئي ڪونہ”
شھيد ﷲ بخش سومرو هڪ بي داغ ۽ ايماندار سياستدان هو. شھيد جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس وڏي سياسي مخالف پير علي محمد راشدي اعتراف ڪندي چيو تہ:
"ان وقت جي حالتن ۽ رقابتن سارو پنھنجن سمورن هم عصرن ۾ مرحوم جو مقام ڪافي مٿاهون هو. "
شھيد ﷲ بخش سومرو مذهبي قوميت ۽ هندو – مسلم تضاد جو مخالف روادار ۽ وطن دوست سياستدان هو. انگريز سامراج کيس ننڍي کنڊ جي مذهبي ورهاڱي ۾ رڪاوٽ پئي سمجھيو، ان ڪري کيس واٽ ويندي قتل ڪرائي ڇڏيو. شھيد ﷲ بخش 14 مئي 1943ع تي شڪارپور ۾ سنڌ واھہ لڳ ويٺل هڪ فتني خور يير کي فسادي حرڪتن کان منع ڪرڻ لاءِ نڪتو، واپسيءَ ۾ پنھنجي ٻن ساٿين نبي بخش ڦلپوٽي ۽ غلام رسول جھلڻ سان گڏ ٽانگي تي سوار ٿي اچي رهيو هو، تہ پوليس ٿاڻي سامھون ٻن جوابدارن مٿس پسٽل جا فائر ڪيا، جنھن ڪري سندس ساهہ جو سڳو ٽٽي پيو ۽ پاڻ سنڌ کي سوڳوار بڻائي پنھنجي رت سان قربانيءَ جي تاريخ لکي ويو. شھيد ﷲ بخش سومري جي قتل جا پيرا انگريز نواز مسلم ليگ ڏانھن وڃن ٿا. شھيد ﷲ بخش جي قتل ۾ سنڌ مسلم ليگ جي اڳواڻ خانبھادر ايوب کھڙي کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن مٿان دريش نالي سندس ڪمدار کھڙي جي زمين تي شھيد ﷲ بخش کي قتل ڪرڻ واري سازش جي شاهدي پڻ ڏني، پر انگريز جج شڪ جو فائدو ڏئي کھڙي کي آزاد ڪري ڇڏيو.
شھيد ﷲ بخش سومرو سيڪيولر خيال رکندڙ غير تعصبي سياستدان هو. وزارتن هوندي بہ هن ڪڏهن طاقت جو غلط استعمال نہ ڪيو. تمام سادگيءَ واري زندگي گذاريندو هو. هن جي طبيعت ۾ ڏيکاءُ بلڪل ٻہ نہ هو. پاڻ پنھنجي گاڏيءَ تي سرڪاري جھنڊي هڻڻ ٻہ پسند نہ ڪندو هو. هو کاڌيءَ جو لباس پھريندو هو ۽ پٺاڻڪو سينڊل پيرن ۾ پائيندو هو. پنھنجي گھر جي ڀاڄي پاڻ وٺندو هو. غريب دوستن جي گھر وڃي ساڻن ڪچھريون ڪندو هو. انسانيت کي مذهب جي فرق کان مٿاهون سمجھندو هو.. اڄ جڏهن وڏيرپ ۽ موقعي پرستي کي سياست، وطن فروشي ۽ ڀاڙيائپ کي سياڻپ ۽ مذهبي جنونيت کي دين جي خدمت سمجھيو وڃي ٿو – غلاميءَ جي ڍُنڌ ۾ وڪوڙيل سنڌ ان سادي، سلڇڻي سنڌ دوست، عوام دوست ۽ ايماندار سياستدان شھيد ﷲ بخش سومري کي ساري ٿي جيڪو اصول خاطر اقتدار کي پٺي ڏيڻ، سامراج جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائڻ، ٽانگي تي سفر ڪرڻ، ٻاڪڙا هوٽل تي ويھي چانھہ پيئڻ ۽ گرگلن جي جھوپڙن ۾ ساڻن گڏجي کائڻ پيئڻ جو هُنر ڄاڻيندو هو


