مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. مراڪش جي پرڏيهي وزارت موجب، بادشاهه بورڊ ۾ باني ميمبر طور شامل ٿيڻ تي راضپو ظاھر ڪيو جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ ۾ محدود انگ ۾ عالمي اڳواڻ شامل هوندا جيڪي ڊگهي مدي جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن. مراڪس پرڏيهي وزارت چيو ته مراڪش بورڊ جي آئيني چارٽر جي تصديق ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ ، منصفاڻي ۽ جٽادار امن لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندو

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔