
جڳديش آهوجا
آدرشي سياست جو ھڪ وڏو الميو اھو بہ رھيو آھي جو آدرشي اڳواڻ، اديب،شاعر، ليکڪ، دانشور ۽ قومي ورڪر عوام کي ان ڪڙي سچ کان آگاھي ڏيڻ ضروري سمجھندا آھن جن متعلق انھن کي خبر بہ ھوندي آھي تہ وقتي طرح سندن اھا سچائي بيان ڪرڻ سان لکين ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيندا ۽ سندن پنھنجو عوام ئي سندن مخالفت ڪرڻ لڳندو. پر جيئن تہ ھو پنھنجي عوام جا سڄڻ ۽ خير خواه ھوندا آھن ۽ کين غفلت جي پرسڪون غار مان ڪڍي علم، ڄاڻ ۽ جستجو جي سفر ۾ ساڻي ڪرڻ چاھيندا آھن ان ڪري کين اھي حقيقتون بہ بيان ڪرڻيون پونديون آهن جو وقتي طرح پنهنجا بہ پراوا ٿي ويندا آهن ۽ مٿن عوام جا حساس ۽ مقدس جذبا مجروح ڪرڻ جو الزام لڳندو آهي پر ٺيڪ انھن ئي نيڪ پر ڀٽڪيل انسانن کي ڪڙين سچاين کان آگاھي ڏيڻ ضروري ٿي پوندو آھي.
اوھان ياد ڪيو 1960ع جو زمانو!
فيلڊ مارشل ايوب خان جو راڄ ھيو، ذوالفقار علي ڀٽو سندس لائق ۽ فرمانبردار وزير ھيو ۽ سندس انڌو اعتماد حاصل ڪرڻ خاطر کيس ڊيڊي چوندو ھيو ۽ ٻئي طرف سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جھڙا اڏول آدرشوادي انسان ھيا جيڪي عوام جا سچا ھڏ ڏوکي ھيا جن عوام جي حقيقي رھبري ڪندي عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ بدران کين انڌي عقيدت پرستي، وھم پرستي ۽ ٽوڻن ڦيڻن جي جھان مان ڪڍڻ جا جتن پئي ڪيا. جڏھن ڀٽو صاحب پنھنجي ڊيڊي کي پٺ ۾ ڇرو ھڻي فوجي آمريت جي ڀرجھلي مان ڦري راتورات سوشلسٽ بڻجي ويو ۽ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ھڻي ۽ عوامي سياست جي ڪرشماتي جادو سان سنڌ ۽ پنجاب جي عوام جو مقبول ھيرو بڻجڻ جا جتن ڪري رھيو ھيو ان وقت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ھاري حقدار تحريڪ ذريعي سنڌ جي ھارين، مزدورن ۽ غريب عوام ۾ حقيقي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ فوجي آمريت جي سخت مزاحمت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مڇ جيل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گھاري رھيو ھيو ۽ سائين جي ايم سيد بزم صوفياءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ جي ذريعي سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ شاگردن ۾ قومي سجاڳي ۽ قومي مزاحمت جي سگھ منظم ڪرڻ جي ڏوھ ۾ نظربندي ھيٺ ھيو. جنھن وقت ڀٽو عوام جون دليون جيتڻ لاءِ عوامي سياست جو طلسمي ڄار وڇائي رھيو ھيو، تنھن وقت سائين جي ايم سيد پنهنجو رت ست ولوڙي سنڌي عوام کي صدين جي جھالت مان ڪڍڻ لاءِ ‘جيئن ڏٺو آھ مون’ جھڙو سچو علم جو منبر جوڙي رھيو ھيو. اوھان ڏٺو تہ وقتي طرح ڪيئن مٿس ڪفر جون فتوائون لڳيون پر اڄ ڪير آھي جيڪو ان حقيقت کي نٿو مڃي تہ ان ئي روشنيءَ جي مينار سنڌ مان مذھبي جھالت پڻي جي ايئن پاڙ پٽي جو مذھبي انتھا پسندي ھزار ڪوششن باوجود سنڌ جي سماج ۾ ايئن جڙ پڪڙي نہ سگھي آھي جيئن رياست چاھيو ٿي.
سنڌ ۽ سڄي دنيا بنياد پرست اسلامي تحريڪن ۽ ھندتوا جي باري ۾ تہ ڄاڻي ٿي پر ڪيئن سنڌ ۾ ھندو بنياد پرستي جي ڪافي ڏھاڪن کان آبياري ڪئي پئي وڃي ان متعلق مڪمل خاموشي ڇانيل آھي. ايئن ناھي تہ ڪو سنڌ جي سڄاڻ حلقن کي ان جي خبر ناھي پر اھو سوچي تہ ان متعلق ڳالھائڻ سان ڪٿي سنڌي ھندن جي مظلوم ھجڻ جي بيانيو ڪمزور نہ ٿئي ۽ ڪٿي ھندن خلاف نفرت پکيڙيندڙ قوتن کي پروپيگنڊا ڪرڻ جو ڪو نئون ھٿيار نہ ملي پوي، ان سوچ ۽ مصلحت خاطر ھڪ اڻ لکيل معاھدي تحت خاموشي اختيار ڪئي وئي ھئي. بس ڪٿان ڪٿان ڪو آواز اٿيو پئي پر مجموعي طور ماحول چپ چپات وارو ھيو. جيستائين سڄاڻ حلقن طرفان خاموشي ھئي تيستائين تہ ڳالھ سمجھ ۾ اچڻ جوڳي ھئي پر ھاڻي رھڙڪي درٻار جي ستين گادي نشين جي گذاري وڃڻ تي جيڪي سڄاڻ حلقن طرفان بہ تعريفن جا محل اڏيا پيا وڃن تہ پوءِ ائين لڳو تہ ‘ھاڻي خاموشي جرم آھي.’
ضروري ٿي پيو آهي تہ توھم پرستي ۽ عقيدي پرستيءَ جي ان طلسمي ڄار جو سچ پڌرو ڪجي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ جنھن قومي، جمھوري ۽ طبقاتي تحريڪ جي نئين سر اوسر ٿيڻ لڳي ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا تہ اڳواٽ ئي اھو طئہ ڪري ڇڏيو تہ ھاڻي سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪنھن مسلمان ڪيونسٽ جي حوالي ڪئي ويندي. ايئن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي سنڌ ۾ رھڻ جي ھمت ڀريي فيصلي ۽ بھادري سان جيل ڪاٽڻ باوجود اڳواڻي جو بار ھندستان مان گھرائي سنڌ ۾ آباد ڪيل ڪميونسٽ اڳواڻن جي سر تي رکيو ويو ۽ سنڌ جا سچا سنڌي ھندو اڳواڻ ۽ ورڪر قومي، جمھوري ۽ طبقاتي جدوجھد جي مرڪزي ڌارا ۾ رھندي بہ جھڙوڪر پاسيرا ۽ نظرن کان اوجھل ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجھد ۾ انھن جو ڪردار گمنام سپاهين وارو ئي رھيو آھي ۽ انھن جي گمنام پر سرگرم ڪردار کان رياست ڪڏھن بہ بي خبر ناھي رھي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جيڪا اسلامائيزيشن جي پاليسي جڙي اھا تہ پنهنجي ڀيانڪ نتيجن سان گڏ عالم آشڪار آهي پر ان جو ٻيو پاسو پڌرو ٿيل ناھي. ان پاليسي جو بنيادي ٿنب ھيو، ‘عوام کي مذھب پرستيءَ ڏانھن مائل ڪرڻ’ ۽ قومي، طبقاتي ۽ حقيقي جمھوري جدوجھد ڪندڙ قوتن، اڳواڻن ۽ تحريڪن کي ڪافر ۽ ملحد قرار ڏئي پنھنجي ئي عوام جي مدمقابل آڻڻ. سنڌي مسلمانن سان گڏ سنڌي ھندن کي بہ مذھبي بڻائڻ جي رياستي پاليسي جو ڀرپور عملي آغاز ٿيو رھڙڪي درٻار کان، جيڪا ڀڳت ڪنور رام جي ڪري سڄي سنڌ ھند ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ھجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي قومپرست ۽ ڪميونسٽ حلقن ۾ بہ انتهائي احترام جو مرڪز ھئي.رھڙڪي درٻار جي باني سنت کوتارام کان سنت ڪنيالال تائين اھا درٻار بہ سنڌ جي سڀني روايتي درٻارن، ٽڪاڻن ۽ مندرن جيان ھڪ غير سياسي ۽ نظرن کان اوجھل درٻار ھئي جيڪا فقط ڀڳت ڪنور رام جي ڪري قومي تحريڪ لاءِ ٻين سڀن کان وڌيڪَ احترام جوڳي ھئي. ان درٻار جي گاديءَ تي جڏھن ايس ڊي ايم ساڌ رام براجمان ٿيو تہ ھو اڳين گادي نشينن جيان ڪو سنت نہ ھيو، سرڪاري آفيسر ھيو. ھن ڄاتو ٿي تہ سڄي سنڌ ۾ ڀڳت ڪنور رام لاء ڪيڏو پيار ۽ عزت آھي ۽ قومي تحريڪ ۾ بہ ان جي ڪيتري مڃتا آھي ۽ جيئن تہ سنت سترام داس ئي ڀڳت ڪنور رام جو گرو ۽ سچو سنت ھيو تہ ان لاءِ بہ ڪيڏي عزت ۽ احترام آھي تہ ھن ‘سچو سترام داس’ ايس ايس ڊي تحريڪ جو ائين منظم انداز ۾ بنياد رکيو ۽ ڦهلاءَ ڪيو جو ان جو نالو سنڌ کان نڪري سڄي دنيا جي سنڌي ھندو ڪميونٽي تائين پھتو. ھڪ رواجي درٻار جڏھن ھڪ روايتي ٽڪاڻي ۽ مندر مان ڦري 75 ايڪڙن تي مشتمل جاگير بڻي تہ ھڪ ننڍڙي رياست جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ اھا رياست قائم ٿي ڀرچونڊي درٻار جي بلڪل ڀر ۾. ٻنھي کي رياست جو ڪيترو سھڪار حاصل آھي، اھو تہ اوھان سڀ ڄاڻو ٿا. پوءِ اھو سمجھڻ ۾ آخر ڪھڙي عربي فارسي آھي تہ رھڙڪي درٻار جي اڄ جي حقيقت ڇا آهي؟ سچ ڪڙو ھوندو آھي، ۽ ڪڙي سچ جو زھر پيئڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي ۽ زھر جو پيالو ئي سقراط جو مقدر ھوندو آھي.



