
ڪوئيٽا ۾ آچر جي صبح جو هڪ خطرناڪ خودڪش گاڏي بم حملي ذريعي شٽل ٽرين کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ويا جڏهن تہ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. بلوچستان حڪومت واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته حملو ڪوئيٽا جي چمن ڦاٽڪ ويجهو ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي بيگناهه شهري متاثر ٿيا.
بلوچستان حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي “بزدلاڻو دهشتگرد حملو” نه صرف انساني جانين تي حملو آهي پر بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ معمولي شهري زندگي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي. شروعاتي رپورٽن موجب مارجي ويلن ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جا ٽي اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن تہ اڪثر متاثر عام شهري، مسافر، رستي ويندڙ ۽ ڀرپاسي وارن گهرن جا رهواسي هئا.
حڪومت موجب هڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي — پيءُ، ماءُ، پٽ ۽ ڌيءَ — پڻ حملي ۾ مارجي ويا، جنهن سبب سڄي صوبي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.
ريلوَي اختيارين موجب شٽل ٽرين ڪوئيٽا ڪينٽ کان ريلوي اسٽيشن ڏانهن وڃي رهي هئي ته صبح اٺين وڳي کان ڪجهه دير پوءِ چمن ڦاٽڪ ويجهو ڌماڪي جو نشانو بڻي. ڌماڪي جي شدت سبب ٽرين جا ٽي ڊبا پٽڙيءَ تان لهي ويا جڏهن تہ ٻه ڊبا اونڌا ٿي پيا. ڀرپاسي بيٺل ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي ۽ ويجهن عمارتن کي به نقصان پهتو.
واقعي کان پوءِ پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. پاڪستان ريلوي به امدادي ٽرين ۽ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو انتهائي زور دار هو. مقامي رهواسين چوڻ ھو تہ اوچتو زوردار ڌماڪي سان سمورا گهرن وارا جاڳي پيا. عورتن ۽ ٻارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. ڌماڪو ٿيو ٽع ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته “فتنه الهندستان” سان لاڳاپيل دهشتگرد معصوم ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائي پنهنجي وحشت جو ثبوت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به محفوظ جاءِ نه ڇڏي ويندي ۽ سڀني ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ ڪوئيٽا پهچي وڏي وزير سان گڏ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي، جتي پوليس سربراهه شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ريلوي واري وزير حنيف عباسي پڻ حملي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙيون بزدليءَ واريون ڪارروايون پاڪستاني قوم جي دهشتگردي خلاف عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. ٻئي طرف انساني حقن واري تنظيم HRCP بلوچستان ۾ خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي، اغوا ۽ عوامي ھن تي حملن ۾ خطرناڪ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب عام شهري، مزدور ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويا آهن


