
اڃا به وچ اوڀر جي ملڪن جي تيل واري ڍانچي کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اهو وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيندو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جنگ بندي بابت معاهدي جا گهڻا اهم نقطا تقريبن طئي ٿي چڪا آهن، جڏهنتہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ اڳڀرائي جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن. بهرحال، آمريڪا جي ڪجهه ريپبلڪن سينيٽرن انهن امڪاني معاهدن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي وڌيڪ سخت پاليسي ۽ جنگي دٻاءُ جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٽرمپ جي ويجهي اتحادي ۽ اسرائيل جي مضبوط حمايتي سينيٽر لنڊسي گراهم ايران سان اهڙي ڪنهن به معاهدي تي تنقيد ڪئي، جنهن ۾ ايران کي مضبوط حيثيت حاصل ٿيندي نظر اچي. هن سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي لکيو ته جيڪڏهن ايران سان جنگ ان بنياد تي ختم ڪئي وڃي ته هرمز کي ايران جي حملن کان محفوظ نٿو بڻائي سگهجي يا ايران اڃا به وچ اوڀر جي ملڪن جي تيل واري ڍانچي کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ته پوءِ ايران کي علائقي ۾ هڪ غالب طاقت طور ڏٺو ويندو.
گراهم خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران کي هرمز ۾ مستقل دٻاءُ وجهڻ ۽ وچ اوڀر۾ تيل جي تنصيبن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت سان تسليم ڪيو ويو ته اهو وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيندو، جيڪو مستقبل ۾ اسرائيل لاءِ “خوفناڪ خواب” ثابت ٿي سگهي ٿو.
ٻئي طرف ريپبلڪن سينيٽر راجر وڪر به رپورٽ ٿيل 60 ڏينهن واري جنگ بندي واري امڪاني معاهدي کي تباهي قرار ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو معاهدو ٿيو ته آمريڪي فوجي آپريشن ايپڪ فيوري ھيٺ حاصل ڪيل سڀ نتيجا ضايع ٿي ويندا.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان جنگ بندي ۽ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي رابطا جاري آهن، جڏهن تہ پاڪستان به ثالثي واري ڪردار ۾ سرگرم آهي. عالمي سطح تي ڪيترائي ملڪ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ جنگ کان بچڻ ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ سفارتي حل جي حمايت ڪري رهيا آهن. — ٽي ايس ايل


