
چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني Huawei دعويٰ ڪئي آهي ته هن سيمي ڪنڊڪٽرز (چپس) تيار ڪرڻ جو هڪ نئون طريقو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو آمريڪي پابندين باوجود جديد چپ سازي جي شعبي ۾ چين لاءِ نئون رستو کولي سگهي ٿو۔
هواوي جي سيمي ڪنڊڪٽر شعبي جي سربراهه هي ٽنگبو شنگهائي ۾ انٽرنيشنل سمپوزيم آن سرڪٽس اينڊ سسٽمز (ISCAS) دوران خطاب ڪندي چيو ته ڪمپني 2031ع تائين 1.4 نينو ميٽر چپس تيار ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي۔ هن چيو ته هواوي چپ ڊيزائن جي روايتي تصور ۾ تبديلي آندي آهي، جنهن ذريعي ڪمپني جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي ۾ آمريڪي رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهي آهي۔
واضح رهي ته 2019ع کان آمريڪا هواوي تي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي، جنهن سبب ڪمپني کي جديد چپ ٺاهڻ واري مشينري ۽ ٽيڪنالاجي تائين رسائي محدود ٿي وئي هئي۔ آمريڪا هواوي تي چين لاءِ جاسوسي جا الزام لڳائيندو رهيو آهي، جڏهن ته هواوي انهن الزامن کي رد ڪندي رهي آهي۔
هواوي موجب نئون طريقو “Tau Scaling Law” يا “Her’s Law” تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ چپ اندر موجود حصن جي پاڻ ۾ رابطي جي رفتار کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي، جڏهن ته روايتي “Moore’s Law” چپس کي وڌيڪ ننڍو ۽ طاقتور بڻائڻ تي زور ڏيندو هو۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته هواوي جي اها اڳڀرائي عالمي ٽيڪنالاجي مقابلي ۾ چين جي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي، خاص طور مصنوعي ذهانت (AI) ۽ جديد ڪمپيوٽنگ جي شعبي ۾۔
هواوي اهو به اعلان ڪيو ته سندس نئين “Kirin” چپ سيريز ۾ پهريون ڀيرو “LogicFolding” نالي نئين آرڪيٽيڪچر جو استعمال ڪيو ويندو، جيڪو ڪمپني جي نئين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هوندو۔
ٽيڪنالاجي ماهرن موجب هواوي جي هن دعويٰ کان پوءِ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ چپ ٽيڪنالاجي بابت جاري مقابلو وڌيڪ تيز ٿيڻ جا امڪان آهن۔ — ٽي ايس ايل


