
خبرن موجب آمريڪا ايران جي هڪ فوجي هنڌ تي نوان حملا ڪيا آهن، جنهن بابت چيو ويو آهي تہ اهو هنڌ آمريڪي فوجن ۽ هرمز ۾ سامونڊي اچ وڃ لاءِ خطرو بڻجي رهيو هو۔
ايراني ميڊيا موجب آمريڪي فوجن بندر عباس بندرگاهه ڀرسان حملا ڪيا، جڏهن تہ انهن حملن ۾ نه ڪو وڏو نقصان ٿيو ۽ نه ئي ڪنھن جاني نقصان جو اطلاع مليو آهي۔
بعد ۾ ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر جي سي) چيو تہ هن بندر عباس تي حملي جي جواب ۾ هڪ آمريڪي هوائي اڏي تي حملو ڪيو آهي. ان خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏهن آمريڪي جارحيت جاري رهي تہ وڌيڪ فيصلا ڪن ڪارروائي ڪئي ويندي. اها ڳالهه سرڪاري ميڊيا ذريعي ٻڌائي وئي۔
ٻئي پاسي ڪويت جي فوج چيو آهي تہ هنن دشمن ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪڻ لاءِ پنهنجي فضائي دفاعي نظام کي استعمال ڪيو جڏهن تہ هنن اهو نه ٻڌايو تہ اهي حملا ڪٿان ڪيا ويا هئا۔
هوڏانهن اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي سموري آبادي کي زبردستي علائقو خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي کين زهراني درياهه جي اتر طرف منتقل ٿيڻ لاءِ چيو آهي، جيڪو اسرائيل جي سرحد کان لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر پري آهي۔ اسرائيل اعلان ڪيو آهي تہ درياهه جي ڏکڻ وارا سڀ علائقا هاڻي جنگي زون آهن۔
امدادي ادارن خبردار ڪيو آهي تہ اسرائيل جي حملن ۽ زميني ڪارروائين ۾ شدت سبب ڏکڻ لبنان ۾ مڪمل تباهي جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي۔ ٻئي طرف واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ختم ڪرڻ بابت ڳالهين تي تضاد ڀريا بيان سامهون اچي رهيا آهن۔ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران سان ڪنهن به ٺاھہ لاءِ پابندين ۾ نرمي نه ڪئي ويندي. — ٽي ايس ايل


