اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن مان ٻن ججن جي بدلي پيپلز پارٽيءَ جي دٻاءَ سبب رڪجي وئي: ھڪ رپورٽ

ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آھي تہ جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر جي بدليءَ بابت تجويز عارضي طور روڪي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومتي قدمن ۾ پيپلز پارٽي جي مداخلت سبب ٻنهي ججن جي بدلي في الحال عمل ۾ نه آندي ويندي.

ذريعن مطابق، صدر آصف علي زرداري جي واپسي کانپوءِ معاملو ٻيهر غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو ۽ ويجهي مستقبل ۾ ٻنهي ججن جي بدلين بابت ٻيهر ويچار ممڪن آهي.

ھنن بدلين کان اڳ حڪومتي ذريعن جو چوڻ ھو تہ پيپلز پارٽي پنهنجي خدشن جي باوجود پاڪستان جوڊيشل ڪميشن ۾ سڀني تجويز ڪيل بدلين جي حمايت ڪندي پر تازي خبر انجي ابتڙ آھي.

جوڊيشل ڪميشن ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جسٽس خادم حسين سومرو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا تڏهن ته حڪومتي ذريعا ووٽنگ وقت سندن حمايت بابت پُراعتماد هئا.

ھن کان اڳ جي خبر

عدالتي ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن ڪياني، جسٽس بابر ۽ جسٽس سمن جي بدلين جي منظوري ڏئي ڇڏي

عدالتي ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٽنهي ججن جي بدليءَ جا فيصلا اڪثريتي ووٽ سان ڪيا ويا.

عدالتي ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اعلان موجب، اجلاس ۾ فيصلو اڪثريتي ووٽ سان ڪيو ويو، عدالتي ڪميشن جي 9 ميمبرن جسٽس محسن اختر ڪياني جي بدليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

عدالتي ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي لاهور هاءِ ڪورٽ بدليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

عدالتي ڪميشن جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪيو. جسٽس بابر ستار جي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي به اڪثريت ووٽ سان ڪئي وئي.

عدالتي ڪميشن جسٽس سمن رفعت امتياز جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بدليءَ جي به منظوري ڏني.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم سومرو جي بدليءَ جي سفارش واپس وٺي ڇڏي.اعلان موجب، ججن جي بدلين سبب خالي ٿيل سيٽون صرف بدلي ججن ذريعي ڀريون وينديون، بدلين سان پيدا ٿيندڙ سيٽون نئين مقررين لاءِ استعمال نه ڪيون وينديون.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔