انٽرپول بحريا ٽائون جي ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف ريڊ نوٽيس جاري ڪيا آهن: نيب چيئرمين جو انڪشاف

نيب چيئرمين اها ڳالھہ نيب جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس بريفنگ دوران آخر ۾ ٻڌائي. "اڄ مان توهان کي بريڪنگ نيوز ڏئي رهيو آهيان ته انٽرپول ملڪ رياض ۽ علي رياض خلاف ريڊ نوٽيس جاري ڪيو آهي.”

پاڪستان جي ڪجھہ صحافين ان خبر جي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن مان ھڪ پنھنجي اسٽوريءَ ۾ لکيو تہ ان جي انٽرپول ذريعي آزاد نموني تي تصديق نه ٿي سگهي.

ملڪ رياض، بحريا ٽائون جو باني ۽ چيئرمين آهي جڏهن ته سندس پٽ چيف ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪري ٿو. پراپرٽي ٽائيڪون هن وقت گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ رهيل آهي جتي هن اربين ڊالرن جي هائوسنگ رٿا شروع ڪئي آهي.

نيب چيئرمين اعتراف ڪيو ته ملڪ رياض کي پاڪستان واپس آڻڻ هڪ چئلينج هوندو. ھن چيو تہ دبئي جي پاڪستان سان ناراضگي جو هڪ پاسو بہ آهي، ملڪ رياض کي پاڪستان واپس آڻڻ آسان ڪم نه هوندو. هن ٻڌايو ته نيب رياض ۽ سندس پٽ جي حوالگي لاءِ هڪ ٽيم موڪلي رهيو آهي.

ھڪ انگريزي اخبار مطابق ساڳئي ڏينھن اسلام آباد پوليس چيف سيد علي ناصر رضوي سينٽرل پوليس آفيس ۾ انٽرپول جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي.

ملڪ رياض ۽ سندس ڪمپني گذريل ڪجهه سالن کان ڏکيائين ۾ ڦاٿل آهن ۽ ملڪ رياض مشھور القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل آهي. نيب گذريل سال جنوري ۾ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ کي گڏيل عرب امارتن مان واپس آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو هو.

رپورٽس مطابق ملڪ رياض تي ماضي جا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ مٿس ريئل اسٽيٽ منصوبن لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ غلط حڪمت عملي استعمال ڪرڻ جو الزام آهي. هو ۽ سندس فرم ڪيترن ئي عدالتي ڪيسن جو مرڪز پڻ رهيا آهن جن ۾ اھو ڪيس بہ شامل آھي جنھن ۾ سپريم ڪورٽ 2019 ۾ بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻ جوڳي رقم ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

آگسٽ 2025 ۾  جڏھن بحريا ٽائون جي ملڪيتن جي رٿيل نيلاميءَ کان اڳ رياض اپيل ڪئي هئي ته  کيس سنجيده ڳالهين ۽ هڪ باوقار حل ڏانهن واپس اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

2019 ۾ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ هڪ غير وضاحتي دولت جي آرڊر جي جاچ کانپوءِ برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) کي 190 ملين پائونڊ (19 ڪروڙ پائونڊ) ضبط ڪرڻ تي راضي ٿيا. ان ٺاهه ۾ 50 ملين پائونڊ (5 ڪروڙ پائونڊ) لنڊن ۾ سندس ھڪ حويلي جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ آمدني شامل هئي. اين سي اي فنڊ پاڪستان کي واپس ڪري ڇڏيا پر واپس موڪليل رقم اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪيس ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري وئي. جيئن ته رياض ۽ سندس پٽ کي ڪنهن به فوجداري ڏوهه ۾ سزا نه ملي آهي انهن اين سي اي ٺاهه کي ديواني نوعيت جي ڪيس طور تي بيان ڪيو آهي. (ھن اسٽوريءَ ۾ مواد جو ھڪ حصو ڊان تان ورتل آھي) — ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔