
عدالتي ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٽنهي ججن جي بدليءَ جا فيصلا اڪثريتي ووٽ سان ڪيا ويا.
عدالتي ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو.
اعلان موجب، اجلاس ۾ فيصلو اڪثريتي ووٽ سان ڪيو ويو، عدالتي ڪميشن جي 9 ميمبرن جسٽس محسن اختر ڪياني جي بدليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
عدالتي ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي لاهور هاءِ ڪورٽ بدليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
عدالتي ڪميشن جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪيو. جسٽس بابر ستار جي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي به اڪثريت ووٽ سان ڪئي وئي.
عدالتي ڪميشن جسٽس سمن رفعت امتياز جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بدليءَ جي به منظوري ڏني.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم سومرو جي بدليءَ جي سفارش واپس وٺي ڇڏي.اعلان موجب، ججن جي بدلين سبب خالي ٿيل سيٽون صرف بدلي ججن ذريعي ڀريون وينديون، بدلين سان پيدا ٿيندڙ سيٽون نئين مقررين لاءِ استعمال نه ڪيون وينديون. – ٽي ايس ايل ماٽيرنگ ڊيسڪ


