
ايران جي شهيد اڳواڻ آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ سندن گهرڀاتين جي تدفين اڄ مشهد مقدس حضرت امام رضاؑ جي روضي جي احاطي ۾ ڪئي ويندي.
گورنر آفيس موجب، شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي جو جسد خاڪيمڙھہ گذريل رات ڪربلا آندو ويو، جتي لڳ ڀڳ 70 لک سوڳوارن جنازي ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
مڙھہ کي ڪربلا ۾ حضرت عباسؑ ۽ حضرت امام حسينؑ جي روضن تي حاضري لاءِ نيو ويو. ان کان اڳ شهيد جو مڙھہ نجف اشرف آندو ويو، جتي حضرت عليؑ جي روضي تي سندن جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
ذريعن موجب، نجف اشرف ۾ روضي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 38 لک ماڻهو جنازي نماز ۽ سوڳ جي تقريبن ۾ موجود هئا. ياد رهي ته سومر تي تهران ۽ اڱاري تي قم ۾ پڻ لکين سوڳوارن شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ سندن گهرڀاتين جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
علي خامنه اي، جن جي عمر 86 سال هئي، 1989ع ۾ آيت الله روح الله خميني جي وفات کان پوءِ ايران جي رهبرِ اعليٰ جو عهدو سنڀاليو. آيت الله خميني هڪ ڏهاڪو اڳ اسلامي انقلاب جي اڳواڻي ڪندي پهلوي بادشاهت جو خاتمو آندو هو.
جيتوڻيڪ آيت الله خميني اسلامي انقلاب جا نظرياتي معمار سمجهيا وڃن ٿا، پر آيت الله خامنه اي ايران جي فوجي ۽ نيم فوجي ڍانچي کي منظم ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندن قيادت هيٺ ايران نه رڳو پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌايو، پر خطي ۽ ان کان ٻاهر به پنهنجو سياسي ۽ فوجي اثر رسوخ قائم ڪيو.
تجزيه نگارن موجب، آيت الله خامنه اي جي قيادت دوران ايران پنهنجي دفاعي حڪمتِ عملي، ميزائل پروگرام ۽ علائقائي اتحادن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو، جنهن سبب ملڪ وچ اوڀر جي سياست ۾ هڪ اهم طاقت طور اڀريو.
– ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


