ايران جي شهيد سپريم ليڊر علي خامنه اي کي مشهد ۾ امام رضا عليه السلام جي روضي جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

آيت الله علي خامنه اي، جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل هوائي حملن ۾ شهيد ٿيو هو، تنھن جي تدفين هڪ هفتي تائين جاري رهندڙ جنازي جي جلوسن، تعزيتي تقريبن ۽ عوامي ماتمي اجتماع کان پوءِ عمل ۾ آئي. اهي تقريبون آمريڪا سان تازو جنگبندي کان پوءِ به جاري ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ منعقد ٿيون.

سرڪاري ذريعن موجب آيت الله خامنه اي جو مڙھہ خميس ڏينهن هڪ ٽرڪ ذريعي مشهد جي ڀريل گهٽين مان گذاري روضي امام رضا عليه السلام ڏانهن آندو ويو، جتي عالم گاڏي جي ٻنهي پاسن کان گڏ هلندا رهيا. هزارين سوڳوار ڪارا لباس پهري ايران جا جهنڊا، شهيد اڳواڻ جون تصويرون ۽ انقلابي نعرا لکيل ڳاڙها بينر کڻي جلوس ۾ شامل هئا. تدفين جي تقريب ايران ۽ عراق ۾ هڪ هفتي کان جاري سرڪاري ماتمي پروگرامن جي پڄاڻي هئي، جن ۾ ملڪ جي مذهبي قيادت وڏي انگ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي هئي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔