
يورپين سينٽر فار ميڊيم رينج ويدر فورڪاسٽس (ECMWF) جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته موجوده ايل نينو ھن ڀيري پنھنجي موسمي لاڙن جي شدت جي حوالي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جا رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو، جنهن سبب دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڏڪار، ٻوڏ، گرمي جي لهرن ۽ ٻيلن ۾ باهيو لڳڻ جهڙن موسمي خطرن ۾ ڪافي حد تائين واڌ جو امڪان آهي.
ايل نينو بابت ماهر ٽم اسٽاڪڊيل ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون ڀيرو موسمي اڳڪٿين جا اٽڪل سڀ ماڊل هڪجهڙي راءِ ذريعي انتهائي طاقتور ايل نينو جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته، "اها ڳالهه يقيني طور چئي سگهجي ٿي ته اسان اڳ ڪڏهن به ايترو مضبوط ۽ جنھن لاءِ هڪجهڙيو اڳڪٿيون ھجن تھڙو ايل نينو نه ڏٺو آهي.” سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هي لاڙو رڪارڊ نه ٽوڙي ته اها انتهائي حيرت جهڙي ڳالهه هوندي، جيتوڻيڪ موسمي اڳڪٿين ۾ مڪمل ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.
ايل نينو عام طور تي وچ اوڀر ۽ اوڀر خط استوا واري پئسفڪ سمنڊ جي مٿاڇري جي گرمي وڌائي ٿو، جنهن سان هوائن، ماحول ۾ دٻاءُ ۽ برساتن جا عالمي نمونا تبديل ٿي وڃن ٿا. هي لاڙو عام طور ٻن کان ستن سالن جي وقفي سان ظاهر ٿيندو آهي ۽ لڳ ڀڳ نون کان ٻارهن مهينن تائين برقرار رهندو آهي.
ماهرن موجب، جيتوڻيڪ ايل نينو عام طور تي نومبر کان فيبروري جي وچ ۾ پنهنجي عروج تي پهچندو آهي، پر ان جا گرمي پد تي اثر ڪجهه دير سان ظاهر ٿيندا آهن. انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيل موسمي تبديلي سان گڏجي، گذريل ايل نينو 2023ع کي تاريخ جو ٻيو گرم ترين سال بڻايو، جڏهن ته 2024ع سڀ کان وڌيڪ گرم سال رڪارڊ ٿيو.
آمريڪي موسميات کاتي گذريل مهيني ايل نينو جي شروعات جي تصديق ڪندي چيو هو ته اهو آهستي آهستي تاريخي شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عالمي موسمياتي اداري (WMO) پڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر جي وچ ۾ هي رجحان انتهائي مضبوط صورت اختيار ڪندو.
گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ امداد وارن ادارن اڳ ئي حڪومتن کان اپيل ڪئي آهي ته ايل نينو جي امڪاني تباهڪن اثرن کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.
ڀارت ۾ زرعي اختيارين هارين کي امڪاني گهٽ برساتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ترت رٿابندي رشروع ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا ۾ ايل نينو اڪثر ساوڻي جي برساتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان لکين ماڻهن جي زراعت ۽ خوراڪ جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي.
ماهرن موجب، آسٽريليا ۾ ايل نينو سبب گرمي جي لهرن، ڏڪار ۽ جهنگلي باهن جو خطرو وڌي ويندو آهي، جڏهن ته اوڀر آفريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ برساتون پوڻ جا امڪان هوندا آهن. ان جي ابتڙ ڏکڻ، اولهه، وچ ۽ اوڀر آفريڪا جا ڪيترائي علائقا عام کان وڌيڪ خشڪ رهندا آهن.
ڏکڻ آمريڪا جي اولهه وارن سامونڊي علائقن، خاص طور پيرو ۽ ايڪواڊور ۾، ايل نينو دوران غيرمعمولي برساتن سبب ٻوڏن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويندو آهي، جڏهن ته اتر برازيل ۾ خشڪي وڌڻ سبب ايمازون جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جا امڪان پڻ وڌي ويندا آهن.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته موسمي تبديلي ۽ ايل نينو جي گڏيل اثرن سبب دنيا کي ايندڙ مهينن دوران انتهائي غيرمعمولي موسمي حالتن لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


