زيارت ۾ دهشتگردن جو پوليس چوڪيءَ تي حملو، 9 اهلڪار شهيد، جوابي آپريشن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، حملي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل، جن کي رياست "فتنہ الخوارج” قرار ڏئي ٿي، جا 15 دهشتگرد ماريا ويا.

ذريعن موجب، هٿياربند دهشتگردن رات دير سان زيارت ضلعي جي منگي ڊيم واري علائقي ۾ قائم پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪيو. پوليس اهلڪارن دهشتگردن سان سخت مقابلو ڪيو، پر آخرڪار حملي آور چوڪيءَ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

زيارت جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر اچڪزئي واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته پنج اهلڪار اڃا تائين لاپتا آهن، جن جي بازيابي لاءِ اضافي نفري مقرر ڪري سرچ آپريشن جاري رکيو ويو آهي.

شاهد رند موجب، شهيدن ۾ منگي ۽ ڪواس ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، اينٽي ٽيررسٽ فورس (اي ٽي ايف) جو انچارج هيڊ ڪانسٽيبل سيف الله ۽ ٻيا پوليس اهلڪار شامل آهن. هن چيو ته شهيدن جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسن پاران شروع ڪيل گڏيل ڪليئرنس آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي ۽ صوبي ۾ ڪنهن به دهشتگرد لاءِ ڪا محفوظ جاءِ نه رهندي.

شاهد رند چيو ته دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن وڌيڪ تيزي سان جاري رهندا ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ هر عنصر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن زور ڀريو ته بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ عوام جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

واقعي خلاف علائقي واسين سخت احتجاج ڪندي ڪوئيٽا-زيارت شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪوئيٽا-زوب قومي شاهراهه تي ٻنهي پاسن کان مسافر بسون، ٽرڪون ۽ ٻيون گاڏيون ڦاسي پيون.

وزيراعظم شهباز شريف حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جي رت جو حساب ورتو ويندو. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ۽ امن دشمنن خلاف ڪارروائي سندن مڪمل خاتمي تائين جاري رهندي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ پوليس جي جوابي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جي هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پڻ ڪامياب آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي بي مثال قرار ڏنو. هن چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن جو انجام صرف شڪست ۽ موت هوندو. سندس چوڻ هو ته "فتنہ الخوارج” جا دهشتگرد پاڪستان ۽ بلوچستان جي عوام جا دشمن آهن ۽ انهن خلاف جنگ منطقي انجام تائين جاري رهندي.

واضح رهي ته گذريل مهيني به قلعه عبدالله، پشين ۽ دڪي ضلعن ۾ هٿياربندن پوليس تنصيبات تي حملا ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ۽ ٻن کي زخمي ڪيو هو، جڏهن ته اپريل ۾ پشين ضلعي جي حرمزئي علائقي ۾ هڪ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي دوران هڪ هيڊ ڪانسٽيبل شهيد ٿيو هو.

ٻئي طرف، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (PICSS) جي تازي انگن اکرن موجب، جون مهيني دوران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي. اداري موجب، صوبي ۾ جون دوران 49 حملا رڪارڊ ٿيا، جڏهن ته مئي ۾ انهن جو انگ 71 هو، جيڪو لڳ ڀڳ 31 سيڪڙو گهٽتائي ظاهر ڪري ٿو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔