
رپورٽ نصرالله جروار
ٽنڊو باگو جي اڪرم واه جي سب ڊويزن قاضيا جي هڏاڇر شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ پڇڙي تائين پاڻي جي نه .پھچڻ خلاف آبادگارن فدا سومرو، گل حسن سومرو، علي حسن هاليپوٽو غلام مصطفيٰ ڪارو هاليپوٽو، نور احمد ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ ھارين ٽنڊو باگو- بدين روڊ تي هڏاڇر شاخ جي موري تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن ۽ احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته آبپاشي ۽ سيڊا کاتي جي نااهلي سبب هڏاڇر شاخ جي وقت سر صفائي ۽ کاٽي نه ڪرائي وئي آهي، جنهن ڪري شاخ ۾ مٽي ۽ ٻيون رڪاوٽون پيدا ٿي چڪيون آهن ۽ پاڻي اڳتي وڌڻ کان قاصر آهي. هنن چيو ته شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري اسان جون سوين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن کي لکن روپين جو مالي نقصان ٿي رهيو آهي.
آبادگارن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته هڪ طرف شاخ ۾ پاڻي گهٽ آهي ته ٻئي طرف بااثر ماڻهن پاران پاڻي جي چوري ۽ غيرقانوني ڪنديون (کاٽا) لڳائي پڇڙي جي آبادگارن جو حق ماريو پيو وڃي. لاڳاپيل آبپاشي عملدارن کي بار بار شڪايتن باوجود پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪو به مؤثر قدم ناهي کنيو ويو، جيڪا پڇڙي جي ڪاشتڪارن سان سخت ناانصافي آهي.
ڌرڻي ۾ موجود آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هڏاڇر شاخ جي فوري طور تي مڪمل صفائي ڪرائي وڃي.
پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي ۽ پاڻي چوريءَ ۾ ملوث بااثر ماڻهن ۽ غيرقانوني کاٽن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
آبادگارن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا فوري طور تي تسليم نه ڪيا ويا ۽ پاڻي بحال نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائي سڄي ضلعي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.


