
جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته ٻيھربمباري شروع ٿيندي صدر ٽرمپ، فيبروري ۾ شروع ڪيل ايراني جنگي آپريشن ختم ٿي ويو آهي مارڪ روبيو
اڳ واري خبر
آمريڪا ايران جنگبنديءَ جو امتحان، ڇڪتاڻ برقرار آهي پر ٻئي ڌريون ڪنهن حد تائين ڳالهين جي نتيجي جي ويجهو به لڳن ٿيون
عالمي ميڊيا اپورٽس مطابق ٽرمپ هن وقت سخت لهجو گهٽ استعمال ڪري رهيو آهي پر ساڳئي وقت اھا ڳالھہ بہ ظاهر آھي ته دٻاءُ وڌائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي
ھرمز ۾ تازي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ آمريڪا ۽ ايران وڇڍ وچ ۾ جنگبنديءَ جو امتحان آھي تنھن ڪري صدر ٽرمپ نہ ئي وري ايران اھو ٻڌائڻ جي پوزيشن ۾ آھن تہ آيا جنگبندي اڃا تائين عمل ۾ آھي.
گڏيل عرب امارتن جو چوڻ آهي ته ان سومر تي ٽي ميزائل روڪيا جنهن ڪري انجي فجيرھہ آئل ريفائينري کي باھہ وڪوڙي وئي. چوٿون ميزائيل سمنڊ ۾ ڪري پيو. فجيرھہ جي سائيٽ امارتن لاءِ انتهائي اهم سمجهي وڃي ٿي جتان ھزمز کي باءِپاس ڪري تيل سڌو پائيپ لائين ذريعي برآمد ڪيو ويندو آهي. اختيارين موجب حملو مقامي وقت مطابق شام پنجين وڳي ٿيو جنھن ۾ ٽن ڀارتي شهري زخمي ٿيا.
امارتن تي اهي حملا لڳ ڀڳ هڪ مهيني جي وقفي کانپوءِ ٿيا آهن، جڏهن اتي حالتون ٻيهر معمول تي اچڻ لڳيون هيون. يو اي اي هن وقت اوپيڪ ۽ جي سي سي ٻاھر آھي ۽ ھڪ الڳ پوزيشن اختيار ڪري چڪو آهي. ان جا اسرائيل سان سان سفارتي لاڳاپا بہ برقرار آهن جيتوڻيڪ لبنان ۾ جنگبندي باوجود ڪارروايون جاري آهن. ڏکڻ لبنان ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جون خبرون آهن
ٻئي طرف ايران دعويٰ ڪئي آهي ته هن جو يو اي اي تي حملي جو ڪو بہ ارادو ڪونھي.
ساڳئي وقت ھرمز ۾ ڇڪتاڻ آھي جتي هڪ آمريڪي ڊسٽرائر کي ايران خبرداري نظرانداز ڪرڻ تي نشانو بڻايو. ايران چيو آهي ته هو ھرمز تي ڪنٽرول سخت ڪري رهيو آهي ۽ قانونسازي به ڪري رهيو آهي ته دشمن جهازن کي گذرڻ نه ڏنو وڃي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ برقرار آهي پر ٻئي ڌريون ڪنهن حد تائين ڳالهين جي نتيجي جي ويجهو به لڳن ٿيون. ٽرمپ هن وقت سخت لهجو گهٽ استعمال ڪري رهيو آهي پر ساڳئي وقت اھا ڳالھہ بہ ظاهر آھي ته دٻاءُ وڌائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. موجوده صورتحال کي “نه مڪمل جنگ، نه مڪمل امن” طور ڏٺو پيو وڃي.
اڳ جي خبر
ايران جي رياستي ميڊيا فوج جي حوالي سان چيو آهي ته ايران جي بحريه پاران روڪڻ جي وارننگ کي نظرانداز ڪرڻ کان پوءِ هرمز ۾ هڪ آمريڪي فريگيٽ تي ٻه ميزائل فائر ڪيا آھن.
آمريڪا فريگيٽ کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي ترديد ڪئي آھي. آمريڪي فوج چيو ته ڪو به جهاز نشانو نه بڻيو. عالمي ميڊيا رپورٽس مطابق آمريڪا جو چوڻ آھي تي ھن 2 واپاري جھاز جن ٿي آمريڪي جھنڊا لڳل ھئا سي ھرمز مان گذاريا آھن.
آمريڪا-ايران جنگ بندي کان پوءِ پهريون ڀيرو گڏيل عرب امارات ۾ ميزائل الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
ھن کان اڳ
اڄ کان ھرمز ۾ ڦاٿل جھازن کي ڪڍبو: ٽرمپ، اھا جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ھوندي: ايران
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيوآھي ته ان ڪم ۾ گائيڊڊ ميزائل ڊسٽرائر، 100 کان وڌيڪ جهاز ۽ 15,000 فوجي شامل هوندا.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا سومر کان هرمز ذريعي ڦاٿل جهازن کي ڪڍڻ شروع ڪندو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو ته فوجي مدد طور گائيڊڊ ميزائل ڊسٽرائر، 100 کان وڌيڪ جهاز ۽ 15,000 فوجي شامل هوندا. هڪ آمريڪي اهلڪار چيو ته اهو قدم ڪو اسڪارٽ مشن (پھريداري) ناهي. ايران جي اعليٰ عهديدار ابراهيم عزيزي خبردار ڪيو ته اهو عمل جنگ بندي جي ڀڃڪڙي آهي.
ٽينڪر تي حملو برطانيه جي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ ته آھي هرمز ۾ هڪ جهاز کي اڻڄاتل پروجيٽائيلز لڳا آھن پر سموري عملو محفوظ آھي. ايران سا ڳالھيون ٽرمپ چيو آھي ته سندس نمائندا ايران سان تمام ھاڪاري ڳالھيون ڪري رهيا آهن. ايراني پرڏيهي وزارت چيو ته ايران تهران جي تازي امن تجويز تي آمريڪي جواب جو جائزو وٺي رهيو آهي. — ٽي ايس ايل


