
صحافت جي مجرماڻي ٿيڻ جو عمل عروج تي پهچي چڪو آهي
دنيا ۾ صحافت سخت بحران جو شڪار آھي ۽ ھلندڙ سال جھڙو ڪو سال تازي تاريخ ۾ نٿو ملي. ھن سال ھن وقت تيائين 13 صحافي مارجي چڪا آھن.
رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي پريس فريڊم انڊيڪس جو چوڻ آھي تہ ان جڏھن کان رڪارڊ رکڻ شروع ڪيو آھي تڏھن کان ھن سال تائين ھي بدترين سال آھي.
تنظيم جو چوڻ آھي ته پنهنجي 25 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جا اڌ کان وڌيڪ ملڪ ھن وقت پريس جي آزادي جي حوالي سان "مشڪل” يا "تمام سنجيده” درجابندي ۾ اچن ٿا.
"جڏهن کان آر ايس ايف 25 سال اڳ ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس شايع ڪرڻ شروع ڪئي آھي پريس جي آزادي آھستي آھستي گھٽجندي رهي آهي.
"صحافين کي اڃا تائين سندن ڪم تي قتل ۽ قيد ڪيو پيو وڃي، پريس جي آزادي کي ڌڪ ھڻڻ جا طريقا وڌي رهيا آهن. صحافت کي رپورٽرس خلاف دشمنيءَ وارو سياسي ماحول پيدا ڪري گھٽو ڏنو پيو وڃي، ميڊيا جي ڪرندڙ معيشت ذريعي ڪمزور پيو پيو وڃي ۽ پريس خلاف قانونن سوڙھو ڪيو پيو وڃي.
تنظيم جي انگن اکرن مطابق پهرين جنوري 2026 کان وٺي دنيا ۾ 13 صحافي مارجي ويا آھن جڏهن ته 471 هن وقت قيد ۾ آهن. ان کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 صحافي باندي بڻيل آهن ۽ 135 اڃا تائين پنھنجي ڪم تان گم ٿيل آھن.
آمريڪا جيڪو اڳ ۾ ئي 2024 ۾ جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر چونڊ جو سال آھي تنھن ۾ ڪافي سٺي نمبر کان ھيٺ ڪري "مسئلي واري” واري ڪيٽيگريءَ ۾ اچي چڪو هو سو ھاڻي ست وڌيڪ درجا گهٽجي 64 نمبر تي اچي ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پريس ۽ صحافين تي پنهنجن لاڳيتن حملن کي هڪ منظم پاليسي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ نتيجي ۾ آمريڪا کي 64 نمبر تي ڌڪي ڇڏيو آهي.
آمريڪي ايجنسي فار گلوبل ميڊيا (USAGM) جي افرادي قوت ۾ وڏين ڪٽوتين جا عالمي اثر پيا آھن جنهن جي نتيجي ۾ وائيس آف آمريڪا (VOA)، ريڊيو فري يورپ/ريڊيو لبرٽي (RFE/RL) ۽ ريڊيو فري ايشيا (RFA) جهڙا عالمي براڊڪاسٽرنگ ادارا بند يا معطل ٿيا آھن جيڪي ادارا معلومات جا قابل اعتماد ذريعا هئا.
آر ايس ايف جي ڪجهه سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ نتيجن مان هڪ اهو آھي ته صحافت جي مجرماڻي ٿيڻ جو عمل عروج تي پهچي چڪو آهي.
انڊيڪس جي ليگل انڊيڪيٽر ۾ هن سال سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. ان ۾ 2025 ۽ 2026 جي وچ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رياستن ۾ مطلب 180 مان 110 رياستن ۾ اسڪور ڪريو آھي.
اهو خاص طور تي هندستان (157 هون)، مصر (169 هين)، اسرائيل (116 هون) ۽ جارجيا (135 هون) جي ڪري ٿيو آهي. صحافت جي مجرماڻي ٿيڻ جو عمل جنهن جي جڙ پريس قانون کي ٽوڙڻ ۽ ايمرجنسي قانون سازي ۽ عام قانون جي غلط استعمال ۾ آهي سو هڪ عالمي لقاءُ ثابت ٿي رهيو آهي.
آر ايس ايف چيو ته پاڪستان جيڪو 153 هين نمبر تي آھي تنھن ۾ پريس هڪ مسئلن سان ڀرپور سياسي ماحول ۾ پابندين جي بي رحم لهرن کي منهن ڏئي ٿي جنهن ۾ اختياريون صحافتي مواد جي ڦھلاء کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪجهه حالتن ۾ دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
آزاد پريس لاءِ دروازا بند ڪندڙ ملڪن ۾ ولاديمير پيوٽن جو روس 172 نمبر تي آھي سو پريس جي آزادي کي محدود ڪرڻ لاءِ دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل قانونن کي استعمال ڪرڻ ۾ ماهر بڻجي چڪو آهي.
ايتري قدر جو مضبوط جمهوريتن ۾ به قانون پريس جي آزادي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. جاپان جيڪو 62 نمبر تي آھي تنھن ۾ رياستي رازداري وارو قانون صحافت تي هڪ ڇرڪائيندڙ اثر ڪري سگھي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ذريعن کي راز ۾ رکڻ لاءِ مناسب تحفط ڪونھي جيڪو خود سينسرشپ کي جنم ڏئي ٿو. ڏکڻ ڪوريا 47 نمبر تي آھي جتي غلط معلومات ڦھلائڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرايل سرڪاري قدمن تي پريس جي آزادي جي تنظيمن طرفان تنقيد ڪئي وئي آهي جيڪو غلط معلومات کي منهن ڏيڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ جي حق کي محفوظ رکڻ جي وچ ۾ مسلسل ڇڪتاڻ جو هڪ ٻيو مثال آهي. — ٽي ايس ايل


