ايران جي 14 نقطن تي ٻڌل تجويزن تي جلد غور ڪندس: ٽرمپ، ‘نہ ٿو سمجھان تہ مڃڻ جھڙيون ھونديون’

ساڳئي وقت ايران جي پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنھن ھيٺ ھرمز جي دڳ تي پابنديون لڳايون وينديون جنھن سان تعين ٿيندو ته ڪهڙا جهاز پاڻيءَ واري ان رستي مان لنگھي سگهندا. ايراني سرڪاري ٽي وي رپورٽ ڪيو آھي تہ اسرائيلي جهازن کي ڪڏهن به اجازت نه ڏني ويندي ۽ دشمن ملڪن جي جهازن کي اجازت نامو حاصل ڪرڻ لاءِ معاوضو ادا ڪرڻو پوندو.

 ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي چيو مان جلد ئي  ان تجويز جو جائزو وٺندس جيڪا ايران اسان کي موڪلي آهي پر نہ ٿو سمجھان ٿو ته اها قابل قبول هوندي ڇاڪاڻ ته انهن گذريل 47 سالن ۾ انسانيت ۽ دنيا سان جيڪو ڪيو آهي ان جي لاءِ ڪافي قيمت ادا نه ڪئي آهي.

پوسٽ لائيو ٿيڻ کان ٿورو اڳ ٽرمپ پام بيچ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ چيو تہ هو جلد ئي ٻڌائيندو ته هن ايراني آڇ قبول ڪندو يا رد ڪندو.

جمعي تي ٽرمپ چيو هو ته هو تجويز مان مطمئن نه آهي پر ڇنڇر تي چيو ته هو ان جي تفصيلن جو وڌيڪ جائزو وٺندو.

ايران جي تازي تجويز هرمز ۾ شپنگ کي کولڻ ۽ آمريڪي ناڪا بندي کي ختم ڪرڻ لاءِ آھي جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين کي ملتوي ڪري بعد ۾ ڪرڻ چاھي ٿو.

ٽرمپ غور ڪري رهيو آهي ته هفتن کان هلندڙ تعطل ختم ڪري ڪيئن اڳتي وڌجي. فوجي عملدارن خميس ڏينهن هرمز ۽ ايران ۾ زمين تي اختيارن بابت بريفنگ ڏني. ٽرمپ ٻيھر حملا شروع ڪرڻ جو امڪان کليل ڇڏيو آهي. ٽرمپ چيو تہ وٽن 2 آپشن آهن. ھڪ تہ وڃي کين ھميشہ لاءِ جھنم موڪليون يا ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. ٽرمپ جمعي ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ھو تہ هو حملا ٻيهر شروع ڪرڻ کي ترجيح نه ڏيندو. — ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔