
ھن کي ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ خانگي گاڏيءَ تي پوليس نمبر پليٽ هجڻ تان پوليس آفيسرن سان ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو.
ڪراچيءَ ڏکڻ ضلعي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڇنڇر ڏينهن هڪ حاضر سروس پوليس آفيسر نسيم آرا پنھور جي پٽ کي ضمانت ڏئي ڇڏي جنهن کي ڪراچي جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ هڪ خانگي گاڏيءَ تي پوليس نمبر پليٽ هجڻ تي آفيسرن سان ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو.
هڪ شخص جنهن جي سڃاڻپ هڪ ايس ايس پي جي پٽ جي طور تي ڪئي وئي تنھن جي پوليس سان بحث واري هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. رپورٽن ۽ پوليس ذريعن مطابق کيس جمعي جي رات دير سان ذاتي ضمانت تي حراست مان آزاد ڪيو ويو.
سب انسپيڪٽر شازان شڪيل جي شڪايت تي جمعي تي ڊفينس پوليس ھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي. جنھن ۾ پي پي سي جي سيڪشز 353 (سرڪاري ملازم کي سندس فرض جي ادائيگيءَ کان روڪڻ لاءِ حملو)، 186 (سرڪاري ملازم کي روڪڻ)، 170 (سرڪاري ملازم جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ) ۽ 171 (جعلي ارادي سان سرڪاري ملازم جو استعمال ٿيندڙ ٽوڪن پائڻ يا کڻڻ) شامل آهن.
ڇنڇر ڏينهن ھي شڪي شخص جڊيشل مئجسٽريٽ (ڏکڻ) عاصم اسلم جي عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن سندس ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل اسامه علي ۽ فيصل عدالت ۾ سندس وڪيل طور دليل ڏنا. ايڊووڪيٽ علي دليل ڏنو ته ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جيتوڻيڪ پوليس ۽ جوابدار جي وچ ۾ هڪ ٺاھہ ٿي چڪو هو.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کي پوليس جي حراست ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ھن پوليس هٿان بدسلوڪي جي شڪايت نه ڪئي.
جاچ آفيسر جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ۽ ثبوت ڪٺا ڪرڻ لاءِ جسماني ريمانڊ جي گھر ڪئي پر جج چيو ته ايف آءِ آر ۾ شامل پي پي سي سيڪشنز ھيٺ ڄاڻايل ڏوهه ضمانت جوڳا آھن. عدالت جوابدار کي 50,000 رپين جي ضمانتي مچلڪن تي ضمانت ڏني. جيڪڏھن ضمانتي مچلڪا جمع نہ ڪرايا ويا تہ جوابدار کي 15 مئي تائين عدالتي تحويل ۾ رکيو ويندو. مجسٽريٽ وڌيڪ حڪم ڏنو ته جاچ مڪمل ڪري قانون موجب مقرر وقت اندر آخري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
پوليس آفيسر پنهنجي شڪايت ۾ چيو هو ته هو ڊي ايڇ اي جي فيز 7 ۾ قيوم آباد جي ويجهو ٻين اهلڪارن سان گڏ پيٽرولنگ ڊيوٽي تي هو جڏهن انهن کي هڪ شڪي ڪاري ٽويوٽا ريوو نظر آئي جنهن تي پوليس لائيٽون ۽ دروازن تي رنگين شيشا لڳل ھئا. هن وڌيڪ چيو ته ڊرائيور پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته هن کي ڇڏي ڏيو ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ هڪ ايس ايس پي آهي ۽ هيءِ ڪار ھنجي آهي.
ايف آءِ آر موجب ڊرائيور کي ٻڌايو ويو ته هڪ خانگي گاڏي تي پوليس لائيٽون ۽ رنگين شيشا هجڻ هڪ جرم آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ سان گڏ بندوق بردارن کي ھنکي (پوليس آفيسر کي) ڌڪو ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
شڪيل چيو ته هن ڪار جو دروازو کوليو ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي بعد ۾ هن سندس ڪالر پڪڙيو ۽ موقعي تان ڀڄڻ کان اڳ هن سان بدسلوڪيون ڪرڻ شروع ڪيون.
ساڳئي وقت ڏکڻ زون پوليس هڪ بيان ۾ چيو ته لاڳاپيل گاڏي کي ضبط ڪيو ويو جڏهن ته ان جي ڊرائيور کي باضابطه طور تي گرفتار ڪيو ويو. ضبط ٿيل گاڏي ۾ موجود پوليس گارڊن خلاف کاتي واري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته چيڪ پوسٽ تي موجود پوليس اهلڪارن جي رويي جي پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي ڪلفٽن کي ان حوالي سان جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. سائوٿ زون پوليس چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس آفيسرن جي مائٽن کي سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي. پوليس شهرين تي زور ڏنو ته اهي خانگي گاڏين تي فينسي يا سرڪاري نمبر پليٽ، يا هوٽرس ۽ پوليس لائيٽس استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾، سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. — ٽي ايس ايل


