ڪمانڊر ان چيف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آھيان، آئيني اختيارن ھيٺ فوج کي ھدايتون ڏيندو رھندس ۽ پرڏيھي معاملا بہ ھلائيندس: ٽرمپ

صدر ٽرمپ جي خطن مان هڪ هائوس ڏانهن ويو ۽ هڪ سينيٽ ڏانهن  جن ۾ ھن لکيو آھي تہ 7 اپريل 2026 تي مون ٻن هفتن جي جنگ بندي جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ جنگ بندي جي مدي کي وڌايو ويو آهي. 7 اپريل 2026 کان آمريڪي فوج ۽ ايران جي وچ ۾ ڪا به فائرنگ جي ڏي وٺ نه ٿي آهي. 28 فيبروري 2026 تي شروع ٿيندڙ تڪرار ختم ٿي ويو آهي.

ڪانگريس جي اڳواڻن کي ايران ۾ وڌيڪ اڳڀرائي بابت آگاھہ رکڻ جو واعدو ڪندي صدر ٽرمپ لکيو آھي تہ ايراني حڪومت خلاف آمريڪي آپريشن جي ڪاميابي ۽ مستقل امن کي محفوظ ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن جي باوجود ايران پاران آمريڪا ۽ اسان جي هٿياربند فوجن لاءِ خطرو اهم رهيو آهي.

اهي خط اهڙي وقت لکيا ويا آھن جڏهن ڪانگريس ميمبرن کا وڌ ۾ وڌ سوال ڪيا پيا وڃن ته ڇا انهن ڪانگريس کان باضابطه جنگي اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ  ڪنھن ووٽنگ شيڊول جو منصوبو ٺاهيو آهي.

1973 جي وار پاورس (War Powers) وارو ٺھراءُ صدر کي هدايت ڪري ٿو ته هو ڪانگريس کان جنگ جي اجازت وٺي جيڪڏھن ڪو جاري فوجي تڪرار 60 ڏينهن جي حد تائين پهچي وڃي. اھو قانون صدر کي اجازت ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ضروري هجي ته علائقي مان فوجن کي محفوظ نموني ڪڍڻ لاءِ 30 ڏينهن جي واڌ جي درخواست ڪري. پر صدرٽرمپ پنهنجي خط ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو.

صدر پنهنجي خط ۾ لکيو تہ ھو ڪمانڊر ان چيف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آھي ۽ ھو پنھنجي ذميوارين ۽ آئيني اختيارن ھيٺ فوج کي ھدايتون ڏيندو ۽ پرڏيھي معاملا بہ ھلائيندو رھندو.

ايران تي آمريڪي فوجي حملا 28 فيبروري تي شروع ٿيا پر ٽرمپ انتظاميه 2 مارچ تي ڪانگريس کي تڪرار جي اطلاع ڏنو ۽ ان وقت کان 60 ڏينهن جو مدو شروع ٿيو.

8 اپريل تي عارضي جنگ بندي لاڳو ٿي ته جيئن آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي ۽ هرمز جي دڳ کي ٻيهر کولڻ لاءِ ڳالهين ڪري سگهن پر ڳالهين جا نتيجا اڃا نه آيا آهن. ايران ھرمز جي سامونڊي دڳ ۾ جھازن جي ٽريفڪ کي روڪي ڇڏيو آهي. آمريڪا ايراني بندرگاهن جي سامونڊي ناڪا بندي ڪئي آهي ۽ ان لاءِ 100 کان وڌيڪ جنگي ۽ نگراني ڪندڙ جهاز، ٻه ڪيريئر اسٽرائڪ گروپ، ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ جهاز استعمال ڪري رهيو آهي.

آمريڪا پنهنجي وچ اوڀر جي اتحادين کي هٿيارن ۽ فوجي سامان جي وڪري جي منظوري ڏني آهي.

آمريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل کي 8.6 ارب ڊالرن جي اضافي هٿيارن ۽ فوجي سامان جي وڪري جي منظوري ڏني آهي.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ڪويت کي اڍائي ارب ڊالرن (2.5 بلين ڊالرن) جي جنگي ڪمانڊ سسٽم ۽ لاڳاپيل سامان جي وڪري ۽ اسرائيل کي 99 ڪروڙ 24 لک ڊالرن (992.4 ملين ڊالرن) جي ايڊوانسڊ پريسيشن ڪل ويپن سسٽم جي وڪري جي منظوري ڏني آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ قطر کي 4.1 ارب ڊالرن (4.1 بلين ڊالرن) جي پيٽريٽ ميزائل ۽ گڏيل عرب امارات کي 14 ڪروڙ 76 لک ڊالرن (147.6 ملين ڊالرن) جي ايڊوانسڊ پريسيشن ڪل ويپن جي وڪري جي به منظوري ڏني آهي. ٽي ايس ايل رپوٽ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔