آن لائن تشدد جي ڪري دنيا ۾ 13 سيڪڙو عورت صحافي ۽ ميڊيا ورڪرس شديد ذھني بيمارين جو شڪار آھن: گڏيل قومون

3 مئي تي دنيا ۾ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ملھايو پيو وڃي ۽ ان موقعي تي يو اين وومين، دي نرو ۽ سندن پارٽنرز هڪ نئين رپورٽ جاري ڪري رهيا آهن جنھن ۾ عورتن خاص عورت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز خلاف آن لائن تشدد جي وڌندڙ ۽ پيچيده شڪلن کي نروار ڪيو ويو آھي.

آن لائن تشدد جا اثر، انجون شڪلون ۽ انھن کي منھن ڏيڻ بابت اڀياس جي رپورٽ مطابق انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن، صحافين، ميڊيا ۾ ڪندڙ عورتن ۽ ٻين شعبن ۾ اھڙيون عورتون جن جي ڪم ۾ عام رابطاري بہ شامل آھي تن جي 12 سيڪڙو عورتن کي بنا اجازت سندن ذاتي تصويرون شيئر ٿيڻ جو تجربو ٿيو آھي انھن تصويرن ۾ ذاتي طور ويجھڙائپ ۽ جنسي تصويرون بہ شامل آھن. رپورٽ ۾ 6 سيڪڙو عورتن ٻڌايو آھي تہ اھي ڊيپ فيڪس (مھارت سان ڪوڙي تصوير ٺاھڻ جو عمل) جو شڪار ٿيون آھن ساڳئي وقت ٽن مان ھڪ کي بنا گھرج جنسي ناتا رکڻ جا ڊجيٽل ميسيجر وصول ٿيا آھن.

رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته اهڙو ڏوھہ اڪثر ڪري جاڻي واڻي ۽ منظم ھجي ٿو جنھجو مقصد عورتن جي پيشہ وراڻي ۽ ذاتي ساک کي ڌڪ ھڻي کين پبلڪ لائيف ۾ خاموش ڪرڻ آھي. ان حڪمت عمليءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آھي جنھنجو ئي نتيجو آھي تہ 41 سيڪڙو عورتون ٻڌائن ٿيون تہ ھنن اھڙن ڏوھن جو شڪار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پاڻ تي پاڻ ئي بندش وڌي (سينسر ڪيو) جڏھن تہ 19 سيڪڙو عورتن آن لائن تشدد جي ڪري پنھنجي پروفيشنل ڪم ۾ سينشرشپ ڏانھن رجوع ڪيو.

عورت صحافين ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ صورتحال وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آھي. ھن گروپ جي 45 سيڪڙو عورتن سال 2025  ۾ سوشل ميڊيا تي پاڻ کي سينسر ڪيو (2020 کان 50 سيڪڙو وڌيڪ) ۽  اٽڪل 22 سيڪڙو اھڙين عورتن پنهنجي ڪم ۾ خود سينسرشپ ڪئي.

 ٻيا ڌيان جوڳا رجحان بہ عورت صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن ۾ اھڙن واقعن تي قانوني ڪارروائي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي رپورٽ ڪرڻ ۾ واڌ ڏانهن اشارو ڪن ٿا. آن لائن تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورت صحافين ۽ عورت ڪارڪنن 2025 ۾ 2020 ۾ 11 سيڪڙوجي ڀيٽ ۾ پوليس وٽ آن لائن تشدد جي واقعن کي ٻيڻو (22 سيڪڙو) رپورٽ ڪيو. اٽڪل تشدد جو شڪار 14 سيڪڙو عورتون هاڻي مجرمن،  انھن جي سهولتڪارن، يا پنھنجي ادارن جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري رهيون آهن. اھو ڪم 2020 ۾ اٺ سيڪڙو کن ھو جيڪو وڌندڙ شعور ۽ جوابدهي لاءِ مضبوط اڳڀرائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.

هي تشدد عورتن جي صحت تي بہ ڪاپاري اثر وجهي رهيو آهي. رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته سروي ڪيل عورتن جي اٽڪل چوٿين حصي (24.7 سيڪڙو) ۾ آن لائن تشدد سان ڳنڊيل پريشاني يا ڊپريشن آهي ۽ اٽڪل 13 سيڪڙو اھڙيون عورتون پوسٽ ٽروميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر جو شڪار آھن.

گڏيل قومن ۾ عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي واري ڪاڄ جي سربراهه ڪليوپي مينگرو جو چوڻ آھي تہ مصنوعي ذھانت  بدسلوڪيءَ کي آسان ۽ وڌيڪ نقصانڪار بڻائي رهي آهي ۽ اھو عمل جمهوري قدر جي ڪمزوري ۽ منظم عورت دشمني جي تناظر ۾ سخت محنت سان حاصل ڪيل حقن جي کوکلي ٿيڻ کي هٿي ڏئي رهيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته سان ان کي يقيني بڻايون ته نظام، قانون، ۽ مختلف پليٽ فارمز هن بحران کي ان تقاضا مطابق منھن وڌن جنھن جي ضرورت آھي.

آن لائن تشدد جي خلاف قانوني تحفظ ۾ اهم خال برقرار آهن. جيئن ورلڊ بينڪ گذريل سال اھا حقيقت سامھون آندي تہ 40 سيڪڙو کان گهٽ ملڪن ۾ عورتن کي سائبر هراساني يا سائبر اسٽالڪنگ کان بچائڻ لاءِ قانون موجود آهن. نتيجي طور دنيا جي 44 سيڪڙو عورتون ۽ ڇوڪريون  جيڪي لڳ ڀڳ 1.8 ارب ٿين ٿيون سي قانوني تحفظ تائين رسائي کان محروم رهن ٿيون. مصنوعي ذھانت جي ھن دور ۾ آن لائن تشدد جا اثر، نشانيون ۽ ازالو هڪ وسيع سيريز جو حصو آهي جيڪا انجو جائزو وٺڻ لاءِ آھي ته ڪيئن آن لائن تشدد مصنوعي ذھانت جي دور ۾ عورتن جي شموليت کي عوامي زندگي ۾ محدود ڪري رهيو آهي. هي اڀياس يواين وومين پاران ايڪٽ ٽو اينڊ وائلينس اگينسٽ وومين (ACT to End Violence Against Women) پروگرام ھيٺ ڪيو ويو جنهن کي يورپي يونين فنڊ ڪيو هو. اهو دي نرو(The Nerve) جي انفارميشن انٽيگريٽي انيشيئيٽو ۽ سٽي سينٽ جارج يونيورسٽي آف لنڊن جي محققن سان ڀائيواري ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس ۽ يونيسڪو جي تعاون سان تيار ڪيو ويو هو. رپورٽ جا ليکڪ ڊاڪٽر جولي پوزيٽي، ڪيلي وليمز، ڊاڪٽر ليا هيلمولر، ڊاڪٽر پالين رينوڊ، نبيله شبير، ۽ ڊاڪٽر نرمين ابوليز آهن. (يو اين وومين جي ٿورن سان)ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔