
ھن کان اڳ جي خبر
آمريڪي فوج پاران پڪڙيل ايراني جهاز جو 22 ڄڻن جو عملو پاڪستان حوالي، جھاز مرمت کانپوءِ ايندو
پرڏيهي آفيس چيو آھي ته آمريڪا پاران اعتماد وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ آمريڪي فوجن پاران قبضي ۾ ورتل ايراني جهاز جي عملي جي 22 ڄڻن کي پاڪستان اماڻي ڇڏيو آهي.
پرڏيھي آفيس جو بيان آمريڪي ميڊيا جي رپورٽس کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ آيو جن ۾ ٻڌيو ويو ھو تہ آمريڪا پاران ايراني بندرگاهن تي لڳايل بندش تي عمل نه ڪرڻ سبب ضبط ڪيل ايراني جهاز کي واپسي لاءِ پاڪستان موڪليو ويو آهي.
رپورٽ ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان ڪيپٽن ٽم هاڪنز جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجن ايم وي ٽوسڪا جي عملي جي 22 ڄڻن کي واپسي لاءِ پاڪستان اماڻڻ جو علم مڪمل ڪيو آھي.
ھن کان اڳ ڇهن مسافرن کي اڳ ئي گذريل هفتي واپسي لاءِ علائقائي جي ھڪ ملڪ منتقل ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب ايراني سرڪاري ميڊيا ڇهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪجھہ عملدارن جي خاندان جي ڀاتين طور تي ڪئي ھئي.
ھاڪنز چيو تہ ٽوسڪا جيڪو هن وقت اصل مالڪن حوالي پيو وڃي تنھن کي گذريل مهيني ايران خلاف آمريڪي سامونڊي بندش جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري روڪي ضبط ڪيو ويو.
پرڏيھي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو تہ آمريڪا پاران اعتماد سازي جي قدم طور ضبط ٿيل ايراني ڪنٽينر جهازايم وي ٽوسڪا تي سوار عملي جي 22 عملدارن کي پاڪستان منتقل ڪيو آهي.
جيڪو عملو گذريل رات پاڪستان پهچايو ويو تنهن کي اڄ ايراني اختيارين جي حوالي ڪيو ويندو.
ايراني جهاز کي ضروري مرمت کان پوءِ ان جي اصل مالڪن ڏانهن واپسي لاءِ پاڪستاني موڪليو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته واپسي جي عمل کي ٻنهي پاسن جي سھڪار عمل ۾ آندو پيو وڃي.
ھن چيو تہ پاڪستان اعتماد سازي جي اھڙن قدمن جي آجيان ڪري ٿو ۽ علائقي امن ۽ سلامتي لاءِ ھلندڙ ٽياڪڙيءَ جي ڪوششن کي جاري رکندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي سھل بڻائيندو رهندو.
آمريڪي فوجن 19 اپريل تي جهاز تي قبضو ڪيو ھو. ننڍو ڪنٽينر جهاز، جيڪو اسلامي جمهوريه ايران شپنگ لائنز (IRISL) گروپ جو حصو هو سو آمريڪي پابندين جو شڪار ٿيو . — ٽي ايس آيل


