
پاڪستان تيل جي فراهميءَ لاءِ وڏي حد تائين نار واري علائقي اسٽريٽ آف ھرمز تي دارومدار رکي ٿو. هلندڙ بحران دوران ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي. اهو قدم ان ڪري اهم آهي جو ملڪ جي معيشت اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار آهي۔
ڪي ماڻهو چون ٿا ته حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، پر تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي. ان جي جواب ۾ وزيراعظم سبسڊي يا رعايتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، پر اهي سڀ قدم عارضي آهن۔
عام خيال اھو آهي ته هن بحران جا نتيجا غيرمعمولي ٿي سگھن ٿا ڇو ته پا ڪستان ايران جو پاڙيسري ملڪ هجڻ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي۔
پاڪستان لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو تيل سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان گھرائي ٿو جيڪو اسٽريٽ آف هرمز مان گذري ٿو۔ ان سان گڏ پاڪستان سميت علائقي جي ٻين ملڪن لاءِ ڪل گھرج جي 25 سيڪڙو ايل پي جي بہ ساڳي رستي کان اچي ٿي.
ڪراچي بندرگاھہ
ڪراچي هن صورتحال ۾ خطي اندر هڪ اهم بندرگاھہ بڻجي ويو آهي جيڪو هاڻي هڪ ٽرانزٽ مرڪز جي حيثيت وٺي چڪو آهي، جتي نار مان ايندڙ شپمينٽس يا سازوسامان کي ٻين ھنڌن ڏانھن اماڻيو پيو وڃي۔
پر پاڪستان جي معيشت اڃا تائين آءِ ايم ايف جي امداد تي هلي رهي آهي ۽ حڪومت تازو آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي درخواست ڪئي آهي، جيڪا اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي۔ پاڪستان گذريل ست ڏهاڪن ۾ فنڊ کان لڳ ڀڳ 24 ڀيرا امداد وٺي چڪو آھي.
ملڪ ۾ ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهن ۽ روڊن رستن تي احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن۔ حڪومت ٻه ڀيرا تيل جون قيمتون وڌايون آهن. مارچ ۾ 20 سيڪڙو ۽ تازو 43 سيڪڙو۔ عوامي ردعمل ڏسندي وزيراعظم انھن قيمتن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ڪجهه وڏن شهرن ۾ مفت پبلڪ ٽرانسپورٽ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ وفاقي گاديءَ وارو شهر اسلام آباد بہ به شامل آهي۔
ان کان اڳ سرڪاري آفيسن ۾ هفتي جا چار ڏينهن ڪم جو اعلان ڪيو، اسڪول بند ڪيا ويا ۽ آن لائن ڪلاسز شروع ڪيا ويا۔ پر اهي سڀئي قدم عارضي آهن۔ حقيقت اها آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جو ڪو چٽو حل اڃان تائين نظر نٿو اچي۔
پاڪستان ايترو ڪمزور ڇو آهي؟
ان جا ٽي اهم سبب آهن. ھڪ ته اھو تيل جي لاءِ وچ اوڀر مان ايندڙ تيل تي ئي گهڻو دارومدار رکي ٿو. ٻيو، پاڪستانين جو وڏو انگ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪم ڪري جيڪو پرڏيھي ڪرنسي ۾ پئسا پنھنجي ملڪ موڪلي ٿو. اھا هاڻي متاثر ٿي رهي آهي ۽ ٽيون پاڪستان جي معيشت جي بنيادي ڍانچي ۾ ڪمزوريون آھن.
انھن سببن جي ڪري وڏن واقعن جي صورت ۾ پاڪستان کي جھٽڪا لڳن ٿا ۽ هڪ ڪمزور معيشت ھئڻ جي ڪري لاڳيتو جهٽڪن جو سلسلو ھلندو رهي ٿو۔ تازو جيڪي ڪجھ ڪاميابيون مليون بہ آهن ۽ حڪومت اعلان ڪيا اهي به گهڻو تڻو ٻاهرين امداد جي ڪري آهن۔
ماهرن جي راءِ ڇا آھي؟
ناليواري معاشي ماھرڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت اصل ۾ امپورٽس تي ٻڌل آهي نه صرف تيل پر کاڌو، ڪپهه ۽ ٻيون شيون به ٻاهرين ملڪن کان اينديون آهن۔ اها صورتحال خراب حڪمرانيءَ جي ڪري آھي.
پاڪستان گذريل 40 سالن ۾ ھڪٻئي پويان اهڙين حالتن مان گذري چڪو آهي، پر ڪي مستقل سڌارا ناهن آيا۔ ملڪ ۾ واپار جو وڏو خسارو آهي ھر 100 ڊالرن جي روانگي واپار جي مقابلي ۾ 200 ڊالرن جي امپورٽ آھي ۔
قيصر بنگاليءَ سان ھر ڪو مڪمل سھمت ناھي ۽ ڪي ماھر سمجھن ٿا ته پاڪستان ۾ ڪجهه بهتري بہ آئي آهي ۽ معيشت جي ڍانچي ۾ ڪجھ سڌارا ڪيا ويا آهن، نجڪاري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ بہ گهٽتائي آئي آهي پر موجوده بحران پاڪستان لاءِ انتهائي حساس مرحلو آهي۔ اهو هڪ چئلينج آهي پر ساڳئي وقت هڪ موقعو به آهي ته ملڪ توانائي ۽ بجلي جي شعبي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا آڻي۔
هن بحران سبب مهانگائي 5 سيڪڙو مان وڌي 8 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جيڪا ڪنھن وقت 30 سيڪڙو تي پھتي ھئي جڏهن ته پيٽرول سان لاڳاپيل مهانگائي 25 سيڪڙو تائين آهي۔
آزاد ڏيھي ۽ پرڏيھي ماھرن جي گھڻائي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت ٻاهرين امداد تي دارومدار رکي ٿي ۽ ڪا بہ حڪومت آءِ ايم ايف کان جند ڇڏائي نہ سگھي آھي
موجودہ صورتحال ۽ وڌيڪ خدشا
سماجي اثر
غربت جون پاڙون ملڪ ۾ اڳ ئي وڌيڪ کتل آھن ۽ هاڻي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي۔ پورھيت خاص طور عورتون ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڪم لاءِ وڃڻ تي مجبور آهن۔ وچولو طبقو وڌيڪ غربت جو شڪار ٿي رهيو آهي۔
تعليم جو شعبو به متاثر ٿيو آهي۔ اسڪول بند ٿيڻ سبب لکين ٻار متاثر ٿي سگهن ٿا۔ آن لائن تعليم هر هنڌ ممڪن ناهي، خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾۔
زراعت تي به اثر پيو آهي، ڇو ته ڊيزل مهانگو ٿي ويو آهي، جيڪو فصلن خاص طور ڪڻڪ جي فصل لاءِ ضروري آهي۔
هڪ ھاڪاري پاسو
پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ سولر توانائي جي واڌ ٿي آهي، خاص طور تي يوڪرين جنگ کان پوءِ، جنهن بجلي جي شعبي تي ڪجهه دٻاءُ گهٽايو آهي۔ان ڳالھ تي ھرڪو ماڻھو زور ڏئي ٿو تہ پاڪستان کي مڪمل معاشي سڌارن جي ضرورت آهي خاص طور تي مالي نظام، واپار ۽ توانائي جي شعبي ۾۔ ٻي صورت ۾، اهڙا بحران ايندا رهندا۔



