ڀارت جي ورتاءَ ۽ عمل کي ڏسندي ايشيا ڪپ ٽرافي ڏيڻ ئي نه گهرجي، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميواري نريندر مودي آهي : جاويد ميانداد

قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ڀارت جي ورتاءَ ۽ عمل کي ڏسندي ايشيا ڪپ ٽرافي ڏيڻ ئي نه گهرجي، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميواري نريندر مودي آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته ڪرڪيٽ ۾ انهن ماڻهن کي آڻڻ گهرجي جن کي هن راند جي معلومات هجي.. سندس چوڻ هو ته ڀارت جي ورتاءَ ۽ عمل کي ڏسندي ايشيا ڪپ ٽرافي ڏيڻ ئي نه گهرجي، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميواري نريندر مودي آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سٺا لاڳاپا هئا، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ورتاءَ سبب معاملا متاثر ٿيا آهن. جاويد ميانداد چيو ته اقتدار کسجڻ کانپوءِ ماڻهو نريندر مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندا.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔