سنڌ جو نہ ختم ٿيندڙ ھڪ وڌيڪ تڪرار 4 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

فوتين ۾ 2 نوجوان ڀائر بہ شامل آھن. سائينداد ۽ لعل ڏنو جوڻيجا آھن جڏھن تہ نعمان  ۽ پيار علي سرڪي برادريءَ سان تعلق رکن ٿا. جھيڙي ۾ 5 ڄڻا زخمي به  ٿي پيا جن کي گمبٽ گمس ۽ راڻيپور منتقل ڪيوويو.

راڻيپور پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيا جتان لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آھي. ھن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

گرفتاريون

صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ آهي ته 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اھي ٻڳ اطلاع آھن تہ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ضلعي جي نفري گھرائي ڪري ورتي ۽ ڳوٺ وريو واهڻ ۾ بڪتر بند گاڏيون پهتيون. علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، 20 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري خيرپور منتقل ڪيو ويو..
 

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.  آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ايس ايس پي خيرپور کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته علائقي ۾ امن امان واري صورتحال يقيني بڻائي وڃي.

وائرل ٿيل وڊيو ۽ واردات

قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن پيار علي سرڪي ۽ نعمان سرڪي جي سوشل ميڊيا تي قتل کان اڳ جي وڊيو پڻ وائرل ٿي جنھن ۾ جوڻيجا ذات جا ماڻهو چئي رهيا هيا ته اسان پاڻ ۾ مائٽ ڀل هڪ ٻئي جا سر کڻون توهان ڇو آيا آهيو. توھان اسان جي گهرن ڏانهن ڇو آيا آھيو؟ توهان جي گهرن ڏانهن گوليون آيون؟ اسان جو جگر سڙيل آھي..
 

سنڌ جو نہ ختم ٿيندڙ ھڪ وڌيڪ تڪرار

جوڻيجا برادريءَ جي انھن ٻنھي ڌرين ۾  تڪرار 30 سالن کان هلندڙ آھي جيڪو ھيل تائين 20 انساني جانيون قتل ڳڙڪائي چڪو آھي. اھو خوني جھيڙو زمين جي تڪرار کان شروع ٿيو.

پوليس جو ڪردار

مقتولن جي وارثن جو چوڻ آھي تہ سندن مارجي ويل نوجوان پوليس وٽ ويا هئا پرڳن جان نه بچائي وئي. وارث عورتن دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان ٻن نوجوانن کي جوابدارن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھي جان بچائي پوليس وٽ پهتا پر ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي. اڄ جوابدارن نوجوانن کي پڪڙي وچ روڊ تي گوليون هڻي قتل ڪيو. اسان سان پوليس انصاف نه ڪيو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔