ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ ۽ گئس ٺاھڻ جي رٿا تي اڳڀرائي،  فيزبلٽي اسٽڊي مئي 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ھڪ ويھڪ ٿي جنھن ۾ صدر آصف زرداري جي چين جي تازي دوري کانپوءِ طئه  ٿيل ایم او يوز جو جائزو ورتو ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي تي غور ڪيو ويو.

 اجلاس جو مقصد مختلف شعبن ۾ گڏيل رٿائن تي کي تيز ڪرڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي ذريعي وقت تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ هو.

وڏي وزير چيو ته چيني سھڪارسان سنڌ جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو ھي هڪ اهم موقعو آهي.

 هن هدايت ڪئي ته سمورا کاتا رڪاوٽون ختم ڪن ۽ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. سندن چوڻ هو ته اهي ايم او يوز ڪاغذن تائين محدود نه رهڻ گهرجن، اسان کي واضح ٽائم لائنز ۽ جوابداري سان عملي اڳڀرائي گهرجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر منصوبي جي نگراني لاءِ هڪ فوڪل ميڪنزم جوڙيو وڃي، اڳڀرائي رپورٽ وزيراعليٰ آفيس کي پيش ڪئي وڃي.

هوڏانهن  فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي سروسز جي حوالي سان اجلاس ۾ چيني ڪمپنين سان جديد فائر فائٽنگ اوزارن ، فائر ٽرڪس، ايمرجنسي رسپانس سسٽمز ۽ فائر اسٽيشنن جي قيام جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي، گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدي تي ڪم جاري آهي.

هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. اجلاس ۾ ٿر ۾ ڪوئلي مان گئس ۽ يوريا جي پيداوار جي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو، انهي  رٿا هيٺ ٿر جي ڪوئلي مان امونيا ۽ يوريا تيار ڪئي ويندي. رٿا جي فيزيبلٽي اسٽڊيز مئي 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعليٰ منصوبي کي توانائي جي تحفظ ۽ زرعي استحڪام لاءِ اهم قرار ڏنو.

لائيو اسٽاڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس منصوبي تحت جديد چوپائي مال جي رجسٽريشن، ويڪسينشن پروگرامن ۽ بيمارين جي سڃاڻپ جي مرڪزن جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڏني.

اجلاس ۾ ماحولياتي تعاون ۽ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان ڪجهه تجويزن کي فني۽ مالي بنيادن تي غير مؤثر قرار ڏنو ويو وزيراعليٰ عمل جوڳي ۽ گهٽ خرچ واري حل کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي. زراعت ۽ غذائي تحفظ لاءِ ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ جي قيام جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي جنهن تي وزيراعليٰ چيني ڀائيوارن سان رابطو وڌائڻ جي هدايت ڪئي.

 ٽائر ري سائيڪلنگ منصوبي تحت پلاسٽڪ ۽ رٻڙ ري سائيڪلنگ سهولت جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو جنهن کي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. وڏي وزير لاڳاپيل مسئلا جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. – ٽي ايس ايل مانيٽرگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔