
پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير اسحاق ڊار ٻڌايو آھي ته پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ ۾ ايران ۽ آمريڪا 24 ڪلاڪن تائين ڳالھيون ڪيون.
اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ان ڊگھي ويھڪ کانپوِ بريفنگ ڏني ۽ ايران ۽ آمريڪا جا ٿورا مڃيا.
ھن چيو ته ٻنهي ملڪن وزيراعظم شهباز شريف جي علائقي ۾ جنگ بندي جي اپيل جو ھاڪاري جواب ڏنو. هو اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي دعوت قبول ڪرڻ تي ايران ۽ آمريڪا جا ٿورائتا آهن.
اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي وفد جي اڳواڻي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني وفد جي اڳواڻي ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڪري رهيو هو.
آمريڪي ۽ ايراني وفد اسلام آباد ۾ ڳالهين ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪالهه پاڪستان پهتا هئا.
هن چيو ته مون فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ ڌرين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ويھڪن تي ٻڌل سنجيده ۽ ڪارائتين ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون گذريل 24 ڪلاڪن تائين جاري رهيون جيڪي اڄ صبح ختم ٿيون.
هن چيو ته ٻئي ڌريون پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ جي ڪوششن جي ساراهہ ڪن ٿيون. اميد آهي ته ٻئي ڌريون ھاڪاري رويو برقرار رکنديون ۽ علائقي ۾ جٽادار امن ۽ خوشحالي لاءِ اڳتي وڌنديون.
نائب وزيراعظم چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سڀئي ڌريون جنگ بندي لاءَ پنھنجي عزم تي قائم رهن. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين کي ھٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجوڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندو رهندو. — ٽي ايس ايل رپورٽ


