
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته واشنگٽن ايران خلاف جنگ کٽي ورتي آهي قطع نظر ته ڳالهيون ڪيئن ختم ٿيون.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران سان ڳالهين کانپوءِ ڪنھن ٺاھہ کان سواءِ اسلام آباد کان واپس امريڪا ھليوويو. ھن چيو آهي ته هن هڪ "آخري ۽ بهترين آڇ” پيش ڪئي آهي.
ايراني وفد جي ويجهن ذريعن نيوز ايجنسين کي ٻڌايو ته آمريڪا ڳالهين کا ڀڄڻ لاءِ بهانو ڳولي رهيو هو ۽ ھاڻي بال آمريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته واشنگٽن ايران خلاف جنگ کٽي ورتي آهي قطع نظر ته ڳالهيون ڪيئن ختم ٿيون.
جي ڊي وينس واپسيءَ کان اڳ پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ۽ چيو تہ
اسان 21 ڪلاڪن کان انھن معاملن تي رڌل آهيون، ۽ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ڪيون آهن جيڪا سٺي خبر آهي. وينس چيو تہ خراب خبر اها آهي ته اسان ڪنهن معاهدي تي نه پهچي سگهيا آهيون.آمريڪي نائب صدر چيو ته اسان تمام چٽي نموني واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جي حد (ريڊ لائن) ڪھڙي آھي، ڪهڙين شين تي اسان تيار آهيون ۽ ڪهڙن شين تي سوچي نہ ٿو سگھجي، ايراني وفد اسان جي شرطن کي قبول نه ڪرڻ جي چونڊ ڪئي.


