
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جا اڳواڻ واشنگٽن ۾ ٻنهي ملڪن جي عملدارن جي ملاقات کان پوءِ 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي متفق ٿيا.
ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي چيو ته عارضي جنگ بندي ايسٽرن ٽائيم مطابق شام 5 وڳي شروع ٿيندي.
آمريڪي صدر لکيو ته هن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتنياهو ۽ لبنان جي صدر جوزف عون سان "بهترين ڳالهيون” مڪمل ڪيون آهن.
ڳالهين جو حوالو ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته اڱاري تي ٻئي ملڪ 34 سالن ۾ پهريون ڀيرو واشنگٽن ڊي سي ۾ مليا، جتي اسان جو پرڏيھي مامرن وارو وزير مارڪو روبيو پڻ موجود هو.
ٽرمپ چيو ته هن نائب صدر جي ڊي وينس ۽ مارڪو روبيو کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اسرائيل ۽ لبنان سان گڏجي هڪ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺن.
ٽرمپ چيو ته دنيا ۾ نو جنگيون روڪڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هيءَ منهنجو ڏهين جنگ روڪرائڻ هوندو.


