جڳ مشھور ڳائڻي آشا ڀوسلي ديھانت ڪري وئي، آخري رسمون سڀاڻي ٿينديون

آشا جي پٽ سندس موت جي تصديق ڪندي چيو ته سندس آخري رسمون سومر تي ادا ڪيون وينديون.

 جڳ مشھورلتا منگيشڪر جي ڀيڻ آشا ڀوسلي پاڻ ٻہ هڪ ليجنڊ هئي. هن سڀ کان وڌيڪ اسٽوڊيو سنگلز گانا ڳائڻ تي 2011 گنيز ورلڊ ريڪارڊ قائم ڪيو.هن ان وقت 20 کان وڌيڪ هندستاني ٻولين ۾ 11,000 سولو، ڊوئٽ ۽ ڪورس ۾ گانا ڳايا هئا.

هوءَ ‘سپني ۾’، ‘انتها هو گي انتظار ڪي’ ۽ ‘ڪهدون تمھين’ جهڙن گيتن سميت ٻين ڪيترن ئي گانن لاءِ مشهور هئي.

ھوءَ 1933ع  ۾ منگيشڪر خاندان ۾ ديناناٿ منگيشڪر جي گھر ۾  پيدا ٿي. ديناناٿ بہ ناليوارو ڪلاسيڪل ڳائڻو ھو.  ڀوسلي صرف نو سالن جي عمر ۾ پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1943ع ۾ هڪ فلم لاءِ پنهنجو پهريون گانو رڪارڊ ڪرايو.

آشا جو تاريخي ڪيريئر اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين پکڙيل هو ۽ هن ٻه ڀيرا قومي فلم ايوارڊ، بهترين عورت پلي بيڪ سنگر لاءِ ست فلم فيئر ايوارڊ ۽ هندستاني سينيما ۾ پنهنجي خدمتن جي عيوض دادا صاحب ڦلڪي ايوارڊ حاصل ڪيا.

هن 1997ع ۾ استاد علي اڪبر خان سان گڏ گڏيل البم ليگيسي ۽ 2006ع ۾ يوهيو اسٽولن مائي هارٽ جي مڃتا سبب گريمي نامزدگيون پڻ حاصل ڪيون.

هندستان ٽائمز مطابق ھن ۾ ايترا تہ گڻ ھئا جو ھن نہ صرف ڪيبري يا ناچ ڳائڻ وارا گانا ڳايا جن کي اڄ ايٽم سانگس چيو وڃي ٿوپرعمراؤ جان ۾ غزل به ڳائي پاڻ مڃايو .

ڀوسلي فلمن ۾ اداڪاري بہ ڪئي. ٻار جي حيثيت ۾ هن مراٺي ٻولي جي ٻن فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. 2013 ۾ هن مائي ۾ اداڪاري ڪئي، جيڪا هڪ پوڙهي عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا الزائمر جو شڪار آهي ۽ سندس چار ٻارڪيئن کيس نچائڻ ٿا.

16 سالن جي عمر ۾ ڀوسلي پنهنجي خاندان سان بغاوت ڪري 31 سالن جي گنپت رائو ڀوسلي سان ڀڄي وئي جيڪو سندس ذاتي سيڪريٽري هئي. بعد ۾ هن شادي ٽوڙي ڇڏي جڏهن سندس ساھرن ساڻس سٺوورتاءُ نہ ڪيو.

1980 ۾ هن موسيقار راهول ديو برمن سان شادي ڪئي جيڪو 1994 ۾ فوت ٿي ويو.

ٽي ايس ايل رپورٽ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔