خلاف ورزي ڪندڙ جهازن کي روڪڻ يا ضبط ڪرڻ جي ڌمڪي

آمريڪي فوج هرمز ۾ ايراني ٽرئفڪ کي بلاڪ ڪندي
آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته اھا ايراني بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ واري سموري سامونڊي ٽرئفڪ کي بلاڪ ڪندي. اھو عمل گرين وچ معياري وقت موجب اڄ صبح 10 وڳي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق شام جو 5 وڳي کان شروع ٿيندو.
ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ جو چوڻ آهي ته ڪو به فوجي جهاز جيڪو هرمز جي لنگھہ جي ويجهو پهچندو ان کي جنگ بندي جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو ۽ سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.
ايران جي پرڏيهي وزير عباس ارغچي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪا سان ڳالهيون انڪري ناڪام ٿي ويون ڇاڪاڻ ته واشنگٽن جوموقف ڦرندو رھيو، مطالبن تي ڳت ڏني وئي ۽ ناڪا بندي ڪئي. اسرائيل ڏکڻ لبنان تي فوجي بمباري لاڳيتو جاري رکي آھي جنھن سبب معروب ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ماڻهو مارجي ويا آھن جڏهن ته اسرائيلي سپاهين بنت جبيل شهر ۾ داخل ٿيڻ وارن سمورن رستن تي قبضو ڪري ورتو ۽ انھن جو حزب الله سان لڙائي جاري آهي. – ٽي سي ايل


